English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪراچي واسين تي بجلي بم ڪيرايو ويو آھي: محمد حسين محنتي
188 views
|
07th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
جان محمد مھر ۽ معصوم فاطمھ فرڙو جي قاتلن کي سزا نھ ملڻ حڪومتي ناڪامي آھي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي تہ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪراچي واسين لاءِ بجلي پوڻا پنج رپيا في يونٽ مھانگائي ڪرڻ ظلم آھي،ٻہ مھينا گذري وڃڻ باوجود جان محمد مھر ۽ معصوم فاطمو فرڙو جي قاتلن کي سزا نہ ملڻ حڪومتي ناڪامي آھي، آچر ڏينهن جماعت اسلامي طرفان بلي اگهن ۾ واڌ ڳرا ٽيڪس مڙھڻ سميت حڪمرانن جي عوام دشمن قدمن خلاف ڪراچي ۾ گورنر ھائوس آڏي ڌرڻو ھنيو ويندو،جنھن کي مرڪزي امير سراج الحق سميت ٻيا صوبائي ۽ مقامي اڳواڻ خطاب ڪندا . اھڙن خيالن جو اظھار ھن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي توڙي تنظيمي صورتحال سميت ٻين مامر ن تي غور ڪيو ويو . محمد حسين محنتي چيو وڌيڪ چيوتہ 50 هزارکان گهٽ آمدني وارن تي به ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو سراسرظلم ۽غريبن کي جيئرو زمين ۾ دفن ڪرڻ برابر آهي نادان حڪمران آءِ ايم ايف جي ڳرن شرطن تي عمل ڪري پنهنجي عوام جي زندگي زهر بنائي رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان جو هرشهري يوٽيلٽي بلن کان وٺي ماچس صابڻ جي ٽڪي تائين هرشيءِ تي اڳ ۾ ئي ٽيڪس ادا ڪري پيو. هن چيو ته جماعت اسلامي ھڪ تحريڪ آھي ڪراچيءَ کان ڪشمور سڄي سنڌ ۾ عام چونڊن ۾ ڀرپور حصو ورتو ويندو . ڪارڪنن ڀرپور تياري ڪن .مھانگائي عوام جي زندگي زھر بڻائي ڇڏي آھي.حڪومت عوام کي رت چوسيندڙ بجلي ڪمپنين توڙي ڌاڙيلن جي رحم وڪرم تي ڇڏي آھي،جماعت اسلامي اھڙن ظالماڻن فيصلن خلاف قانوني ۽ عوامي سطح تي آواز اٿاريندي رهندي .#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
جماعت اسلامي
سنڌ
امير
محمد حسين محنتي
في يونٽ
0 تبصرے