English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ سارين جي اگھھ ۾ مسلسل لاٿ جي حوالي سان آبادگارن جي اھم گڏجاڻي
views
|
08th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سارين جي اگھھ ۾ لاٿ، واپارين ۽ رائيس ملرز جي ھڪ ھٺي قائم ٿيڻ واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ سارين جي اگھ ۾ مسلسل لاٿ ۽ واپارين رائيس ملز وارن جي ھڪ ھٺي ۽ ھٺ ڌرمي جي روڪٿام ۽ ٻين مسئلن جي حل لاء سجاول ضلعي جي آبادگارن جي ھڪ اھم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ھڪٻئي جا رايا ٻڌي روزانو جي بنياد تي سارين جو اگھ گهٽجڻ واري عمل کي روڪڻ ۽ مناسب اگھ ڏيارڻ ۽ ٻين مسئلن کي حل لاء اتفاق راء سان لائحه عمل جوڙيو ويو گڏجاڻي ۾ عبدالغفور پليپوٽو مقبول احمد چارڻ وڏيرو خدابخش عبدالغني ھنڱورجو پير عبدالله شاھ محمد آچار جوڻيجو سالار سميجو غلام مصطفي ڀرڳڙي حفيظ رحمان رحماني محمد خان تارڙو نثار احمد ميمڻ محمد خان ٻارڻ حاجي قادربخش لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھر فصل جي پوکائي وقت ٻج ۽ ڀاڻ جا ھٿرادا ڳاٽي ٽوڙ اگھ ۽ لاڀ وقت ھڪدم ريٽ گهٽجڻ سميت آبادگار طبقو ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ٿئي ٿو ھنن چيو ته ھن وقت ساريال جو فصل لٿو آھي ته رائس ملز اونرس ۽ وڏن واپارين ھڪدم 4500 روپيه في مڻ ھلندڙ ريٽ گهٽائي 3000 کان 3200 روپيه في مڻ اگھ ڏئي رھيا آھن جيڪو آبادگاارن سان سراسر ظلم ۽ ناانصافي آھي ۽ ھاڻي اھڙي ناانصافي برداشت نه ڪنداسين آخر ۾ سڀني جي گڏيل راء سان سجاول آبادگار فورم جو بنياد رکي ضلعي سطع تي آبادگارن جي ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا پهرئين مرحلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سجاول سان ملاقات ڪري آبادگارن جا مسئلا پيش ڪندي اجلاس ۾ حاجي حسين ٻارڻ نديم شهزاد کٽي زاھد اصحاق سومرو ڪاشف خواجه اياز امر شيخ نواب روپائي سميت وڏي انگ ۾ آبادگارن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ ناانصافين خلاف آبادگارن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھروپڻ ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران ـ اسرائيل جنگ کان پوء واري صورتحال..!
02nd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ حڪمرانن عوام کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو..؟
01st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..
01st Jul 2025
•
سندھ
دادو میں خلق جی خدمت آرگنائزیشن کی جانب سے محرم الحرام کے موقع پر ٹھنڈے پانی اور شربت کی سبیل سبیل کا اہتمام
02nd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران ـ اسرائيل جنگ کان پوء واري صورتحال..!
02nd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ حڪمرانن عوام کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو..؟
02nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول جي عدالت زنا ڪيس جي جوابدار کي سزا ٻڌائي ڇڏي
02nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ نوجوان جي چالاڪي کيس ڦرجڻ کان بچائي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
سارين
۽ واپارين
رائيس ملز
0 تبصرے