English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ: ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ سماجي تنظيم پاران استادن کي ايوارڊ ڏنا ويا
38 views
|
09th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
استاد ئي آھي جيڪو قوم جي تقدير بدلائي سگھي ٿو، سرڪار پاران کين مڃتا ايوارڊ ڏيڻ گھرجي: مقرر
گڏاپ (رپورٽر)سماجي تنظيم بھار فائونڊيشن پاران منھنجي امڙ پبلڪ لائبريري ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ ۾ محنتي ۽ قابل استاد علي بخش چنه ،مقبول احمد سھتو ، ذڪريا دايو ، عاشق حسين وڌو ،ليڊي ٽيچر شازيه خان ، شاھدا انصاري ، سنجھہ پروين ، امبر سلطانه ۽ بلقيس بانو کي کي خدمتن عيوض ايوارڊ ڏنا ويا جڏھن ت سماجي اڳواڻ ء استاد سليمان آگرو جي غير موجودگي سبب ان جو ايوارڊ بھار فائونڊيشن جي آفيس ۾ امانت طور رکيل ويو آھي ، استادن ڪراچي جي اسڪولن مان سنڌي ميڊيم اسڪول ختم ٿيڻ ۽ اردو توڙي پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي سبجيڪٽ ختم ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي سنڌ سرڪار کان ڪراچي ۾ سنڌي اسڪول کولڻ ۽ اردو ميڊيم توڙي پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي سبجيڪٽ پڙھائڻ جو پر زور مطالبو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اسڪول نياز حسين ٻرڙو ، ڊپٽي ڊائريڪٽر HRM شبير احمد سولنگي ، صحافي ليکڪ منير سارنگ سومرو، ڊاڪٽر عابد مظھر، بھار فائونڊيشن جي چيئرمين محمد سچل وڌو، بھار فائونڊيشن جي جنرل سيڪريٽري منظور احمد ميمڻ ، محمد قاسم پٺاڻ ، پرويز ڄامڙو ، گورنمينٽ ايمپلائيز ايسوسئيشن سنڌ جو اصفھان انصاري خطاب ڪندي چيو ت اسان مان ڪيترائي اھڙا استاد آھن جن پنھنجي سموري زندگي تعليم ڏيندي گذاري پر ڪڏھن ب سرڪار يا ڪنھن سماجي تنظيم استاد کي مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ ناھي ڏنو بھار فائونڊيشن استادن کي ايوارڊ ڏئي حوصلو وڌايو ۽ عزت بخشي آھي اھا ڪڏھن ب وساري نٿي سگھجي ڪورنگي جي علائقي جي ھڪ ليڊيز ٽيچر شازيه خان جيڪا ويل چيئر تي اسڪول وڃي پنھنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪري ٿي اھڙن استادن تي سنڌ فخر ڪري ٿي ھنن وڌيڪ چيو ت سکر آء بي آي واري ٽيسٽ کان پوء پاس ٿي آيل استادن سان سنڌ جي تعليم بھتر ٿيندي ڇو ت استاد ئي آھي جيڪو قوم جي تقدير بدلائي سگھي ٿو ، استاد بادشاھ ن آھي پر استاد ئي آھي جيڪو دنيا ۾ بادشاھ ، سائنسدان ، جج، ڊاڪٽر ، انجنيئر توڙي زندگي جي ھر شعبي ۾ ڪامياب انسان بڻائي ٿو جيڪي قومون استاد جو قدر ڪن ٿيو اھي ترقي جون منزلون ماڻي دنيا ۾ پنھنجو مقام بڻائڻ ٿيون ، پرائيوٽ اسڪول يا سرڪاري اسڪولن جو استاد ھجو ٻنھي جي عزت احترام برابر آھي بھار فائونڊيشن اھڙي ٻٽي معيار جي فرق کي ختم ڪري استادن کي برابري جي بنياد تي ايوارڊ ڏنا آھن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ جانورن کي مخلتف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مختيارڪار ڏوڪري طرفان ايڪسائيز پوليس سان گڏ ڊيوٽي فري سگريٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
سماجي تنظيم
بھار فائونڊيشن
امڙ پبلڪ لائبريري
ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ
0 تبصرے