English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل بند ڪري سارين جو اگھھ 5 ھزار ڪيو وڃي: اياز لطيف پليجو
views
|
15th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي زرعي معيشت کي بھتر ڪرڻ سان غربت جو خاتمو ايندو، تيل، گئس ڏيندڙ سنڌ جا ماڻھو سھولتن کان محروم آھن
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي سارين جو اگھ 5 ھزار روپيا ڪيو وڃي. سنڌ جي زرعي معيشت کي بھتر ڪرڻ سان غربت جو خاتمو ايندو. تيل، گئس ڏيندڙ سنڌ جي ضلعن جا ماڻھو بنيادي سھولتن کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ شگر ملون، فيڪٽريون، ڪارخانا پ پ حڪمرانن جا ھجڻ ڪري فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ھٿ وٺي لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو. جڏھن ڪمند لھي ٿو تہ ان جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. ڪڻڪ لھي ٿي تہ باردانو گم ڪيو وڃي ٿو. ڦٽيون لھن ٿيون تہ انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، ھاڻ ساريون لھن پيون تہ انھن جو اگھ ٽڪي برابر ڪيو ويو آھي. فصلن تي وڏا خرچ آھن پر آبادگارن ۽ ھارين جو خرچ بہ نٿو نڪري. سنڌ حڪومت ۽ وفاق مڪمل لاتعلق بنيل آھن. سنڌ کي مافيائن جي حوالي ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھاري ۽ آبادگار خوشحال ھوندا تہ سنڌ ترقي ڪندي. غربت ختم ٿيندي. بک بدحالي ختم ٿيندي. بيروزگاري ختم ٿيندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي مافيا بنجي سنڌ جي وسيلن جا سودا ڪري رھي آھي. زرداري نٿو چاھي تہ سنڌ ۾ جمھوريت، ميرٽ ۽ شفافيت ھجي. سنڌ جا ماڻھو يرغمال ھجن، جھالت ۽ ڌاڙيل راڄ ھجي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي حقن، تعليم، روزگار، زراعت، قومي وسيلن ۽ وحدت لاءِ قومي عوامي تحريڪ جو حصو ٿي ساٿ ڏين ۽ ڪرپشن، خراب حڪمراني کي شڪست ڏين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
سنڌ حڪومت
0 تبصرے