English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاجي ريلي
views
|
13th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
گڏيل قومن کي اسرائيلي جارحيت جو نوٽيس وٺندي فلسطينين سان انصاف ڪرڻ گھرجي: اڳواڻ
ڪشمور (دلبر جاني) ڪشمور جماعت اسلامي ڪشمور پاران جماعت اسلامي جي مرڪزي امير سراج الحق جي سڏ تي پوري پاڪستان جيان ڪشمور ۾ به اسرائيلي جارحيت خلاف لبيڪ يا غذا ريلي نادره چوڪ کان ڪڍي وئي ريلي شھر جي مختلف چوڪ چوراهن کان ٿيندي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهتي جتي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران اسرائيلي جارحيت خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي ريلي جي اڳواڻي جماعت اسلامي ڪشمور جي مقامي امير افضل عطا ڪلوڙ ڪئي ريلي ۾ شريڪ احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا تنهن تي اسرائيل جي خلاف نعرہ درج هئا، احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪشمور جي اڳواڻن افضل عطا ڪلوڙ حاجي عبدالفتح مولوي لطف الله جکراڻي خالد سيف الله منظور احمد چاچڙ، ذوالفقار علي ملڪ، رحيم بخش سولنگي، برڪت گل جکراڻي چيو ته گذريل 6 ڏينهن کان فلسطيني مظلوم مسلمانن تي اسرائيلي فوج جي غزہ تی ڪيميائي بمباري جاري آهي اسرائيلي بمباري جي نتيجي هن وقت تائين 1500کان مٿي فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ 6هزار کان وڌيڪ شهري زخمي آهن شهيد ٿي ويل شهرين ۾ گهڻي تعداد عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي آهي جڏهن ته ٽي لک چاليھ هزار کان وڌيڪ شهري گهرن کان بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ ٻئي طرف يهودي فوج غزا جي مظلوم شهرين جو پاڻي بجلي ۽ اينڌن پڻ بنڊ ڪري ڇڏيو آهي هن وقت مظلوم فلسطيني مسلمان تاريخ جي مشڪل ترين حالتن کان گذري رهيا آهن ظلمن ۽ جارحيت جو سلسلو هلندڙ آهي. اقوام متحده کي فلسطين جي اندر ھلندڙ مظلوم مسلمان فلسطينين جي رت نظر نٿي اچي. افسوس جي ڳالھ آھي ته 57 اسلامي ملڪ 22 لک کان مٿي فوجون هئڻ باوجود اسرائيلي غنڊا گردي کي منهن ٽوڙ جواب نہ پیو ڏنو وڃي. اهڙي صورتحال جي اندر مسلمانن کي پنهنجي صفن کي درست ڪري هڪ آواز ٿيڻ جي ضرورت آهي. جماعت اسلامي پاران پوري دنيا جي اندر رهندڙ مظلوم ۽ ستم رسيده مسلمانن جي حمايت جو سلسلو جاري ۽ ساري رهندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪشمور
جماعت اسلامي
امير سراج الحق
0 تبصرے