English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ سول سوسائٽي پاران فلسطيني مسلمانن جي حق ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
42 views
|
20th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
عالمي دھشتگرد اسرائيل پنھنجي آقا امريڪا جي اشاري تي مظلوم فلسطينين تي ظلم ڪري رھيو آھي: اڳواڻ
ٺٽو (شفيق ڀٽي) ٺٽي ۾ سول سوسائٽي پاران فلسطيني مسلمانن جي حق ۾ ايڌي سينٽر کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽي اڳيان پھتي جتي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ عرفان ماڻڪاڻي، سماجي اڳواڻن راشد خشڪ، عبيد علي بُرفت، ياسر پنجواڻي، اعجاز ڪنڀار، شھزور چانگ، شاھد شاھ، سجاد کتري، اويس مغل ۽ ٻين چيو تہ اسرائيل عالمي دھشتگرد آھي جيڪو پنھنجي آقا امريڪا جي اشاري تي مظلوم فلسطينين تي ظلم ڪري رھيو آھي ھن غزہ ۽ والاريل بيت المقدس ۾ بربريت قائم ڪري ڇڏي آھي. ھنن چيو تہ اسرائيل کي ڪنھن بہ صورت ۾ بي پھچ مسلمانن جو رت وھائڻ جي اجازت نٿي ڏيئي سگھجي اسرائيل عالمي امن لاءِ ناسور بنجي ويو آھي. ھنن وڌيڪ چيو تہ مسلمان ملڪن کي گڏيل قومن کانسواءِ ھر فورم تي ھن ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ گھرجي ۽ فلسطيني ڀائرن جي مدد ڪرڻ گھرجي. احتجاج ۾ شھرين ۽ سماجي اڳواڻن بہ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سندھ
بحریہ ٹاؤن کے قریب کار ٹریلر سے ٹکرا گئی، ایک ہی خاندان کے 3 افراد جاں بحق، 1 زخمی
12th Dec 2025
•
پاکستان
نادرا کی جانب سے پیدائش، موت، شادی اور طلاق کی آن لائن رجسٹریشن کے لیے ایپ متعارف
12th Dec 2025
•
سندھ
سندھ اسمبلی اجلاس: اسپیکر نے صوبائی ترجمان سمعتا افضال کو ڈانٹا
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران پوليو مهم جو باقاعده آغاز
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڄام واهه جي ڳوٺ عرس جاکرو واسي عورتن جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
سول سوسائٽي
مسلمانن
0 تبصرے