English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ پوليو جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آگاھي ريلي ڪڍي وئي
views
|
24th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي ايچ او ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ ٽائون ڊسپينسري کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) پوليو جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ ٽائون ڊسپينسري کان پريس ڪلب ٺٽو تائين آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا جن تي پوليو بابت آگاهي جا پيغام لکيل هئا. ريلي کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه چيو ته پوليو جي روڪٿام بابت آگاهي پکيڙڻ ۾ پوليو ورڪرن جون خدمتون ۽ ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته قوم جي ٻارڙن کي پوليو جهڙي موذي مرض کان بچائڻ ۽ کين مستقل معذوري کان بچائڻ لاءِ پنجن سالن تائين جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ٻه ڦڙا ضرور پيارڻ گهرجن. هن چيو ته گذريل پوليو مهم دوران ٻين لاڳاپيل ادارن سميت صحت کاتي جي ڊاڪٽرن ۽ پوليو ورڪرز جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد سبب مقرر هدف حاصل ڪري 100 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي وئي. ان موقعي تي ضلعي فوڪل پرسن اي پي آءِ ڊاڪٽر نذير احمد خواجہ، اين اسٽاپ جي ڊاڪٽر راجيش ڪُمار، ضلعي مئنيجر يونيسيف اعجاز احمد جاکرو، مرف جي ڊاڪٽر دائود هيلايو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان علاوه گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مڪلي ۽ پي پي ايڇ آءِ آفيس ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان الگ الگ آگاهي سيمينار منعقد ڪيا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ شاگردن ۾ پوليو جي موذي مرض کان بچاءُ بابت آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪيو ويو. بعد ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ۾ پوليو مهم دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڊاڪٽرن ۽ پوليو ورڪرز ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه نقد انعام ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
پوليو
عالمي ڏينهن
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر
0 تبصرے