English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي شھيد بينظير آباد جو اين ڊي ايف ذھني معذوري جي بحالي مرڪز جو دورو
31 views
|
24th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
فزيوٿراپي، نفسياتي علاج، اسپيچ ٿراپي، آڪوپيشنل ٿراپي ۽ غير رسمي تعليم بابت آگاهه ڪيو ويو
نواب شاھ (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد زاھد حسين رند اين ڊي ايف جي ذھني معذوري جي بحالي مرڪز نواب شاه جو دورو ڪيو. ان موقعي تي زاھد حسين رند اين ڊي ايف جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اين ڊي ايف ادارو نوابشاھ جي ٻارن جي بحاليءَ جون خدمتون گهرن جي ويجھو مھيا ڪري وڏي خدمت جو مظاهرو ڪيو آهي. هن اين ڊي ايف بحالي مرڪز کي نواب شاه جي ٻارن لاءِ خدا جو ڏنل تحفو قرار ڏنو. هن نوابشاه ۾ بحالي مرڪز جي استحڪام لاءِ پنهنجي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. ان کان اڳ عابد لاشاري صدر NDF، طارق حسين چنڙ پروگرام مئنيجر، سائره لاشاري ڊائريڪٽر NDF بحالي مرڪز نوابشاه نوابشاه جي مرڪز ۾ ملندڙ مفت بحالي خدمتون جهڙوڪ فزيوٿراپي، نفسياتي علاج، اسپيچ ٿراپي، آڪوپيشنل ٿراپي ۽ غير رسمي تعليم بابت آگاهه ڪيو. وڌيڪ ٻڌايو تہ اها سهولت 100 ٻارن لاءِ آهي جيڪا ڊي اي پي ڊي گورنمينٽ آف سنڌ ۽ ٻين ادارن جي سھڪار سان ممڪن ٿي آهي. ان موقعي تي عابد لاشاري حڪومت ۽ ٻين واسطيدار ادارن تي زور ڀريو ته هو سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ مذڪورہ خدمتن کي جاري رکڻ ۽ ان کي وڌائڻ لاءِ ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر ٻارڙن ۾ ڪپڙا ۽ جوتا پڻ ورھايا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نواب شاھ
ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد
NDF
0 تبصرے