English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي شھيد بينظير آباد جو اين ڊي ايف ذھني معذوري جي بحالي مرڪز جو دورو
153 views
|
24th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
فزيوٿراپي، نفسياتي علاج، اسپيچ ٿراپي، آڪوپيشنل ٿراپي ۽ غير رسمي تعليم بابت آگاهه ڪيو ويو
نواب شاھ (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد زاھد حسين رند اين ڊي ايف جي ذھني معذوري جي بحالي مرڪز نواب شاه جو دورو ڪيو. ان موقعي تي زاھد حسين رند اين ڊي ايف جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اين ڊي ايف ادارو نوابشاھ جي ٻارن جي بحاليءَ جون خدمتون گهرن جي ويجھو مھيا ڪري وڏي خدمت جو مظاهرو ڪيو آهي. هن اين ڊي ايف بحالي مرڪز کي نواب شاه جي ٻارن لاءِ خدا جو ڏنل تحفو قرار ڏنو. هن نوابشاه ۾ بحالي مرڪز جي استحڪام لاءِ پنهنجي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. ان کان اڳ عابد لاشاري صدر NDF، طارق حسين چنڙ پروگرام مئنيجر، سائره لاشاري ڊائريڪٽر NDF بحالي مرڪز نوابشاه نوابشاه جي مرڪز ۾ ملندڙ مفت بحالي خدمتون جهڙوڪ فزيوٿراپي، نفسياتي علاج، اسپيچ ٿراپي، آڪوپيشنل ٿراپي ۽ غير رسمي تعليم بابت آگاهه ڪيو. وڌيڪ ٻڌايو تہ اها سهولت 100 ٻارن لاءِ آهي جيڪا ڊي اي پي ڊي گورنمينٽ آف سنڌ ۽ ٻين ادارن جي سھڪار سان ممڪن ٿي آهي. ان موقعي تي عابد لاشاري حڪومت ۽ ٻين واسطيدار ادارن تي زور ڀريو ته هو سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ مذڪورہ خدمتن کي جاري رکڻ ۽ ان کي وڌائڻ لاءِ ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر ٻارڙن ۾ ڪپڙا ۽ جوتا پڻ ورھايا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نواب شاھ
ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد
NDF
0 تبصرے