English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ماڙي جلباڻي واقعي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي
217 views
|
26th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
عدالت صوبائي حڪومت ۽ رينجرز کان جواب طلب ڪري ورتو
ڪراچي: سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ بيگناھ ڳوٺاڻن کي قتل ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي
عدالت ۾ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد پيش ٿي ڪري جواب جمع ڪرائيندي چيو ته واقعي جا اڳ ۾ ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن
ھڪ ڳوٺاڻن جو ۽ ھڪ پوليس طرفان ايس ايس پي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واقعي تي وڏي وزير جي آء ٽي جوڙي آهي ان تي ڪم ھلي رھيو آهي
ايس ايس پي شھيد بينظير آباد چيو ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ دھشتگردن جا اطلاع ھئا دھشتگردن جي فائرنگ سان ڳوٺاڻا قتل ٿيا
عدالت ايس ايس پي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جڏهن رينجرز ۽ پوليس پھتي ته ڇا ڳوٺاڻا اڳ تيار ھئا انتظار ۾ ھئا ۽ ڇتن تي چڙهي ويا
عدالت جو چوڻ آھي تھ درخواستگذار جي وڪيل چيو اسان کي پوليس ۽ حڪومت تي احتبار نه آهي ھاء ڪورٽ جي جج تي ٻڌل جي آء ٽي جوڙي وڃي ، ضلعي سيشن جج جي سربراھي ۾ جي آء ٽي جوڙيون ٿا،
درخواستگذار ذوالفقار جلباڻي جي وڪيل حيدر امام چيو ته بيگناھ ڳوٺاڻا قتل ٿيا آهن ايڇ آر سي پي جي رپورٽ پيش ڪيون ٿا
عدالت ٻڌڻي ايندڙ اربع تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر ۽ ايس ايس پي کان جي آء ٽي ۽ ٻين ڌرين جون رپورٽون طلب ڪري ورتيون
عدالت صوبائي حڪومت ۽ رينجرز کان جواب طلب ڪري ورتو
ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ ھاء ڪورٽ جي جسٽس نعمت اللله ڦلھپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي
عدالت ۾ درخواستگزار ذوالفقار خان جلباڻي ـ تعاماش رضوي ـ درخواستگزارن جا وڪيل حيدر امام رضوي ـ عزيز دايو ۽ ٻيا پيش ٿيا
عدالت ۾ درخواست گزار سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار علي خان جلباڻي جي وڪيل بيرسٽر صلاح الدين احمد حيدر امام رضوي داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ھاء ڪورٽ جي جج حاضر سروس جج تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي
ذوالفقار خان جلباڻي داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته واقعي بابت عدالتي ڪميشن جوڙي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي, عدالتي ڪميشن ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ جي حاضر سروس جج کي شامل ڪيو وڃي,
درخواست گزار چيو ته بيگناھ ڳوٺاڻن کي قتل ڪندڙ واقعي ۾ ملوث اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي
پوليس پاران واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي بدران پنهنجي مرضي سان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ايف آء آر ۾ جوابدارن جا نالا شامل ڪيا وڃن جوابدارن کي چالان ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي
سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ 28 سيپٽمبر تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڳوٺ ۾ دھشتگرد ۽ بارودي مواد جو اطلاع ڄاڻائي ڏينھن جي روشني ۾ اچانڪ چڙھائي ڪئي جنھن نتيجي ۾ چار ڄڻا ٿڏي تي شھيد ٿي ويا جڏنھن ته ٻارن ۽ عورتن سميت 12 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا سخت زخمي ٿي پيا ھئا،درخواست ۾ موقف
واقعي ۾ ملوث اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري غريب ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي، درخواست گزار
درخواست سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار علي جلباڻي ۽ ماھر ماھرقانودان رشيد اي رضوي جي پٽ تعماش پاران درخواست داخل ڪئي وئي آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
سڪرنڊ
ماڙي جلباڻي
0 تبصرے