English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سکر ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جو احتجاج
93 views
|
02nd Nov 2023
•
سنڌي خبرون
پهرين مرحلي ۾ سکر ڊويزن کان جدوجهد جي شروعات ڪئي پئي وڃي،: اڳواڻ
سکر(بيورو)پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي مرڪزي چيئرمين ۽ سنڌ صوبي جي صدر سيد ذوالفقار شاهه جي اپيل تي آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن سنڌ پاران پگهارن ۽ پينشن ۾ غير قانوني ڪٽوتي ۽ دير ختم ڪرڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي. آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن سکر ڊويزن پاران لوڪل گورنمينٽ ملازمن محمد بن قاسم پارڪ کان سکر پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. جڏهن ته شرڪت ڪندڙن مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي، ريلي ۽ ڌرڻو سکر ڊويزن جي صدر عبدالمجيد جسڪاڻي، جنرل سيڪريٽري نواز جماڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علي مردان شيخ، سعيد احمد مهر، دانش قريشي، طارق حسين سولنگي، سيد مسلم شاهه، صداقت زنگيجو، شاهد جتوئي، مظفر جوڻيجو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملازمن جي حقن لاء جدوجهد کي تيز ڪرڻ لاءِ 2 نومبر کان احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ سکر ڊويزن کان جدوجهد جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ شامل ميونسپل ملازمن پاران احتجاج رڪارڊ ڪرايو پيو وڃي. اڳواڻن چيو ته جيستائين سنڌ جي ميونسپل ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ غير قانوني ڪٽوتي ۽ دير ختم نه ڪئي ويندي تيستائين ميونسپل ملازم پنهنجن حقن جي لاء احتجاج جاري رهندو، اڳواڻن مڪاني ادارن جي ملازمن کي درپيش مسئلن جو نوٽيس وٺندي پرزور مطالبو ڪيو ته انهن ۾ موجود پريشانين کي دور ڪيو وڃي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Mar 2026
•
شوبز
شکیرا کا بھارت کے بعد قطر میں ہونے والا کنسرٹ بھی ملتوی
24th Mar 2026
•
شوبز
طلاق سے پہلے ہی فیصل قریشی نے شادی کی پیشکش کی تھی: ثنا فیصل
24th Mar 2026
•
شوبز
عید پر ہانیہ عامر کی ساڑھی متنازعہ بن گئی، سوشل میڈیا پر تنقید
24th Mar 2026
•
صحت
کیا کمر درد کی اصل وجہ وٹامن ڈی کی کمی ہے؟ نئی تحقیق میں اہم انکشاف
24th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز جي عدالت مان پيشي لاءِ آندل جوابدار فرار، غفلت جي الزام هيٺ آيل اهلڪار گرفتار
24th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر سان فاطمه مجيد جي ملاقات
24th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
قائد آباد ۾ ڪوسٽر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2موٽر سائيڪل سوار فوت
24th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ھائير سيڪنڊري اسڪول مان 1996 ۾ پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگردن پاران عيد ملن پارٽي منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سکر
پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن
سيد ذوالفقار شاهه
تيستائين ميونسپل ملازم
0 تبصرے