English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ۾ رھواسين جو ٽائون چيئرمين خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
112 views
|
05th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
حددخلين جي نالي تي ڀتا خوري خلاف احسن آباد جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين خلاف شھري روڊن تي نڪري آيا. سهراب ڳوٺ جي غريب پورهيتن اشتياق احمد. حددخلين جي نالي تي ڀتا خوري خلاف احسن آباد جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. ڌرڻي سبب سپر ھاء وي کان گلشن معمار ايندڙ مين روڊ ٽريفڪ لاء بند ٿي ويو. مظاھرين ٽائون چيئرمين خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. مظاھرين ۾ اشتياق احمد. اصغر علي. محمد اڪمل. محمد نديم. محمد اشفاق. ن ليگ اڳواڻ چوڌري تنوير. شرافت ڀٽي. چوڌري اشفاق احمد. محمد وسيم اڪرم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته ٽائون چيئرمين سيوريج سسٽم. روڊ رستن. صفائي سٿرائي. اسٽريٽ لائٽن. پاڻي. بجلي سميت بنيادي مسئلن هي حل ڪرڻ بجاء غريب مسڪين ڏھاڙي دار مزدورن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو آھي. سهراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين لالا رحيم هر مهيني غريبن کان حددخلين جي نالي تي ڀتو وصول ڪري رهيو آهي. اسان جي انڪار تي ھن اسان غريبن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ٽائون چيئرمين لالا رحيم هر ريڙھي. فٽ پاٿ تي ويٺل غريب مزدورن کان 5 هزار رپيا ماهوار رشوت طلب ڪري رهيو آهي. ھنن وڌيڪ چيو ته ٽائون چيئرمين الآصف اسڪوائر. سهراب ڳوٺ. جونيجو ڪالوني. مڇر ڪالوني ۾ موجود افغانين کي تنگ نٿو ڪري پر تعصب جي بنياد تي ايوب ڳوٺ. لاسي ڳوٺ. احسن آباد ۾ سنڌي. پنجابي. سرائڪي بلوچ کي تنگ ڪري پنهنجا من پسند ماڻهو مقرر ڪرڻ چاهي ٿو. ھنن چيو ته اسين سرڪاري چالان ڀرڻ لاءِ به تيار آهيون. ان جي باوجود ٽائون چيئرمين اسان سان انتقامي ڪاروائي تي لھي پيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته 20 ڏينهن اڳ جوس جو ڪاروبار ڪندڙ غريب پورھيت جي جوس واري مشن کڻائي ويو آھي، 20 ڏينهن گذرڻ باوجود ٽائون جو چيئرمين پورھيت کي مشن واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس بار بار جاءِ خالي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پيو ۽ غريب پورھيت اشتياق احمد مٿان ڪوڙو ڪيا داخل ڪرائي کينس مارڻ جون ڌمڪين تي لھي پيو آھي ھي ڪٿي جو انصاف آهي؟ھنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آھي ته اٽو. ڪپڙو ۽ گھر پر ھتي ته آن جي ابتڙ ڪم پيو ھلي.ٽائون چيئرمين اسان کي بنا جواز حراسان ڪره پيو. اسان تي پڻ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته ھي جڳھ خالي ڪيو. ھنن چيو ته اسين مري وينداسين پر جڳھ خالي نه ڪنداسين ڪاروائي ڪرڻي آھي ته سڀني لاء گڏيل طور ڪئي وڃي تعصب جي بنياد تي ڪاروائي انتقامي ڪاروائي آھي. اسان جي معصوم ٻچڙن جو روزگار آھي جيڪو اسان کان کسيو پيو وڃي. احتجاج ڪندڙ سپريم ڪورٽ. سنڌ هاءِ ڪورٽ. سنڌ جي نگران وڏي وزير. سنڌ جي گورنر. ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت کان مطالبو ڪيو ته غريب مسڪين جي جوس واري مشن واپس ڪرائي ٽائون چيئرمين لالا رحيم خلاف ڪارروائي سندس ظلمن کان بچايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ
ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ٽائون
ٽائون چيئرمين خلاف
شھري روڊن
0 تبصرے