English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزن وفدن جون ڊي سيز ۽ ايس ايز پيز سان ملاقاتون
views
|
08th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري غير قانوني افغانين کي واپس پنھنجي ملڪ موڪليو وڃي: اڳواڻ
حيدرآباد/ ٺٽو/ بدين/ ميرپور خاص (رپورٽرز وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي پارٽي جي مرڪزي وفدن ٻئي ڏينھن بہ مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز سان ملاقات ڪري کين غير قانوني افغانين جي نيڪالي بابت اياز لطيف پليجي جو پيغام ڏنو ۽ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان ڏس ۾ ٺٽي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، ياسر جاکرو، بشير ﷲ سمون، ممتاز علي شيخ، شبير ڀٽي، دانش خاصخيلي، شڪيل خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري ٺٽي ضلعي ۾ غير قانوني موجود افغانين کي نيڪالي ڏيارڻ لاء پارٽي جو پيغام پھچايو وفد ايس ايس پي کان گھر ڪئي تہ ٺٽو پوليس قانوني موقعي جو فائدو وٺي افغان پناھگيرين کي فورن نيڪالي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪري جنھن تي ايس ايس پي وفد کي يقين ڏياريو تہ اسان ھن عمل کي عملي جامو پارائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون. ٻئي طرف بدين ۾ قومي عوامي تحريڪ جي وفد سانول گوپانگ، رشيد گوپانگ، بچل احمداڻي حسين درس ۽ اسماعيل ملاح جي اڳواڻي ۾ ڊي سي بدين عبدالفتح ھليو ۽ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي سان ملاقات ڪئي۔ ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو تہ غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ نادرا ۽ ادارن جي مدد سان جلد آپريشن ڪيو وڃي. ڊي سي بدين ۽ ايس ايس پي بدين چيو تہ اليگل اميگرينٽس سان ڪا بہ رعايت نہ ڪئي ويندي. کين پڪڙي واپس پنھنجي ملڪ موڪليو ويندو. ھوڏانھن ميرپورخاص ۾ قومي عوامي تحريڪ جي وفد سنڌي ھاري تحريڪ جي صدر انور نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، نثار ڀرڳڙي ۽ شوڪت نوحاڻي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ڊي آء جي ميرپورخاص سان ڌار ڌار ملاقات ڪري کين چيو تہ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري غير قانوني افغانين کي واپس پنھنجي ملڪ موڪليو وڃي.ان موقعي تي ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ڊي سي ميرپورخاص چيو تہ اليگل اميگرينٽس کي پڪڙڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي آھي، جلد ڪارروائي ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
ميرپور خاص
بدين
ٺٽو/
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے