English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڳيريلو جي گرلس ھاءِ اسڪول جي عمارت جو ڪم رولڙي جو شڪار
101 views
|
08th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
3سال گذرڻ باوجود گرلس ھاءِ اسڪول جو ڪم مڪمل ناھي ٿي سگھيو: ڳوٺاڻا
ڳيريلو (رپورٽر)) گرلس ها۽ اسڪول ڳيريلو جي عمارت گذريل ٽن ورهين کان رولهڙي جو شڪار ٺيڪيدار عمارت جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويو جڏهن ته شاگردياڻيون متبادل طور گرلس پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ تي مجبور،پرائمري اسڪول ۾ فرينچر توڙي گهربل سهولتن جي اڻاٺ هجڻ سبب سندن تعليم سخت متاثر ٿيڻ لڳي آهي ان سلسلي ۾ شاگردياڻين جي والدين ۽ شهرين وڪيل طاهر منير، شفيق احمد منگي، غلام عباس سولنگي ،طارق حسين منگي، وقار بروهي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته گورنمينٽ گرلس ها۽ اسڪول ڳيريلو جي عمارت زبون حال ٿيڻ بعد عمارت جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو جيڪو پڻ گذريل ٽن ورهين کان رولهڙي جو شڪار بڻيل آهي هنن وڌيڪ چيو ته عمارت جي مرمتي ڪم جي سست رفتاري بابت اسين تعليم کاتي جي عملدارن کي بار بار اهڙي شڪايت ڪري چڪا آهيون پر سندن جي ڪن تي جون به ناهي چري جڏهن ته ٺيڪيدار پڻ عمارت جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويو آهي ٻئي طرف اسڪول جو لکين روپين جو فرنيچر ٻاهر رکيل هجن سبب سڪي ۽ سڙي رهيو آهي، جڏهن ته نياڻيون گذريل ٽن سالن کان هڪ گرلس پرائمري اسڪول ۾ متبادل طور پڙهي رهيون جتي پڻ فرنيچر ۽ گهربل سهولتون نه هجڻ سبب کين ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ سندن تعليم به سخت متاثر ٿي رهي آهي، هنن تعليم جي صوبائي وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين اعلا عملدارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طوراسڪول جي عمارت جو اڌ ۾ ڇڏيل ڪم مڪمل ڪري نياڻين جو تعليمي مستقبل بچائي والدين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڳيريلو
گرلس ها۽ اسڪول
0 تبصرے