English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
210 views
|
08th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
امن امان جي موجوده صورتحال سميت ايندڙ ڏينهن ۾ رٿيل اهم ايونٽس بابت غور ويچار
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس آفيس ۾ آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي موجوده صورتحال سميت ايندڙ ڏينهن ۾ رٿيل اهم ايونٽس جي سيڪيورٽي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائم، گٽڪا ماوا ۽ ٻين ڏوهن خلاف پوليس جي ڪارڪردگي جو به جائزو ورتو ويو. پوليس ترجمان موجب آءِ جي سنڌ خاص طور اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين ڪيسن ۾ پيش رفت بابت ڄاڻ ورتي. آءِ جي سنڌ چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز کي هرگز نه ڇڏيو وڃي، منشيات، گٽڪا مافيا خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون وڃن، ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورا اپاءَ ورتا وڃن. آءِ جي سنڌ چيو ته ٻڌايو وڃي ته گرفتار جوابدارن مان ڪيترا عادي ڏوهاري آهن، جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ جي عمل بابت ٻڌايو وڃي، ڏوهارين کي پرو ايڪٽو پوليسنگ تحت قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، اسٽريٽ ڪرمنلز، مفرور/اشتهاري جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ انٽيليجنس معلومات کي اهميت ڏني وڃي، ڪرائيم اينالائيسز کي سامهون رکندي ڏوهن خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي، آپريشنل ۽ انويسٽيگيشن پوليس گڏجي ڏوهن خلاف ڪارروائي ڪري، جاچ جو معيار جيترو مضبوط هوندو، جوابدارن جي گرفتاري به وڌيڪ مضبوط ٿيندي، پوليس تي شهرين جو اعتماد مضبوط ڪرڻ لاءِ برادرين کي گڏ کڻي هلو، اسان کي شهرين جي خدمت جو مثال بڻجڻو پوندو. پوليس ترجمان موجب ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند اجلاس ۾ شهر ۾ ڏوهن جي صورتحال ۽ پوليس ڪريڪ ڊائون بابت بريفنگ ڏني.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
ڪراچي پوليس آفيس
آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا
0 تبصرے