English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران پوليو مھم جي حوالي سان انتظام مڪمل ڪرڻ جي ھدايت
views
|
14th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران پوليو مھم جي حوالي سان انتظام مڪمل ڪرڻ جي ھدايت
شڪارپور (احسان ابڙو ) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف چاچڙ جي صدارت ۾ اين آء ڊي ريڊينيس پوليو گڏجاڻي 27 نومبر کان 03 ڊسمبر تائين پوليو مهم ٿي رھي آھي. زيرو ڊوز 97 فيصد مڪمل ٿي چڪو آهي. مظهر ڄامڙو تفصيل موجب 27 نومبر سومر ڏينهن کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي تيارين بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي . گڏجاڻيءَ ۾ بريفنگ ڏيندي ڊي پي سي انچارج ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو ٻڌايو ته اين آء ڊي پوليو مهم 27 نومبر کان شروع ٿيندي ، جيڪا 7 ڏينهن تي مشتمل هوندي. هن ٻڌايو ته هن دفعي 3 لک 40 هزار 1 سؤ 59 اڻھٺ ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريا ويندا ، جنھن لاءِ 830 گشتي ٽيمون جوڙيون ويون آهن. تعلقي شڪارپور جون 15 ، خانپور 10، لکي غلام شاه 11، ڳڙهي ياسين 13 يوسيون شامل آهن ھن چيو ته مرزاپور ۾ ٽيمن سان گڏ پوليس سڪيورٽي ڏني وڃي ۽ ما ئڪرو پلان ۾ سڀ يوسيون پاس رهيون آھن. هن چيو ته مائڪرو پلان ۾ يوسي 2 ۽ ڪجھ يوسين ۾ سڪيورٽي جو مسئلو درپيش آيو آهي. وارياسو ۽ ٻانڀيهڙ يوسي جيڪا ڳڙهي ياسين جي حد ۾ آهي اتي اسان کي پوليس فورس ۽ مانيٽرنگ کي وڌائڻو پوندو. ھن چيو ته هن وقت اڃان به وڌيڪ ویڪسین اچي پئي ۽ اسان هن دفعي 97 فيصد زيرو ڊوز ٻار مڪمل ڪيا آهن. هن چيو ته هن دفعي اسان جون 40 ٽرانزٽ پوائنٽون آهن. گڏجاڻي سان ڳالهائيندي ڊي ايس پي شڪارپور يار محمد چيو ته پوري ضلعي ۾ جتي به پوليو ٽيمن کي پوليس سڪيورٽي جي ضروت پوندي ته اسين سڪيورٽي مھيا ڪنداسين. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته ايندڙ پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ مائڪرو پلان تي عمل ڪيو وڃي ۽ اي پي آء وارا روزانه جي بنياد تي پنهنجي فيلڊ ڪم جاري رکن ۽ ٻارن کي 6 حفاظتي بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا لڳائن. گڏجاڻيءَ ۾ ڊي ايچ او ڊاڪٽر پرويز سومرو ، ڊاڪٽر فيضان ، واجد علي فوڪل پرسن ۽ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ، تعليم ، انفارميشن کاتن جي عملدارن پاران شرڪت ڪئي وئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور
پوليو مھم
اين آء ڊي ريڊينيس پوليو
0 تبصرے