English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان جي آئين موجب معلومات تائين رسائي هر شهري جو حق آهي: نديم ميمڻ
217 views
|
15th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
پاڪستان جي آئين موجب معلومات تائين رسائي هر شهري جو حق آهي: نديم ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جي آئين موجب معلومات تائين پهچ هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ ان حوالي سان سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي تان ٽرانسپيرنسي اينڊ رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ 2016ع منظور ڪرائي چڪي آهي. سيڪريٽري اطلاعات چيو ته معلومات تائين رسائي جي حق واري قانون سان معاملن ۾ شفافيت ۽ بهتري ايندي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ آفيسرن کي لاڳاپيل قانونن کان آگاهه ڪرڻ ۽ انهن قانونن تحت پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ تربيتي سيشن منعقد ڪرڻ ۽ ان سيشن ۾ مختلف کاتن جي پبلڪ انفارميشن آفيسرن جي شرڪت هڪ مثبت عمل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات سيڪريٽري سنڌ نديم ميمڻ اڄ ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ اطلاعات تائين رسائي جي قانونن بابت منعقد ڪيل تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ورڪشاپ سنڌ انفارميشن ڪميشن پاران ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي پبلڪ انفارميشن آفيسرن ۽ انساني حقن جي تنظيمن سان لاڳاپيل عورتن ۽ مردن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ انفارميشن ڪميشن جي چيف انفارميشن ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد علي، انفارميشن ڪمشنر ايڊووڪيٽ صائمه آغا، انفارميشن ڪمشنر شاهد عباس جتوئي، ڪراچي يونيورسٽي ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي اسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر نوشين وصي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪاشف علي، اڳوڻو وائيس چانسلر محمد علي جناح يونيورسٽي ڊاڪٽر محمد علي شيخ، ڊاڪٽر رضا گرديزي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نديم ميمڻ
اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ
سنڌ اسيمبلي تان ٽرانسپيرنسي اينڊ رائيٽ
0 تبصرے