English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
افغانين سميت سمورا غير قانوني پرڏيھي ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آھن: اياز لطيف پليجو
231 views
|
13th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
افغانين سميت سمورا غير قانوني پرڏيھي ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آھن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ غير قانوني افغانين سميت سمورا غير قانوني پرڏيھي ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آھن، انھن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سخت آپريشن ڪيو وڃي. نادرا جي ڪرپٽ عملدارن ۽ بلدياتي نمائندن رشوت وٺي غير قانوني رھائشي سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺاھي ڏنا آھن، انھن ملوث ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي ايم اقتدار ۽ ووٽ جي لالچ ۾ ملڪ جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ نہ وجھن ۽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو حصو نہ ٿين. افغانستان ۾ ھن وقت امن آھي، اتي جون معاشي حالتون پاڪستان کان وڌيڪ بھتر تي رھيون آھن، انڪري انھن کي ھتي رھائڻ جو ڪو بہ جواز نٿو بچي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سمورن وڏن شھرن ۾ غير قانوني افغاني ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي ڪالونيون ٺاھي قابض ويٺل آھن، اھي غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي روزگار جي وسيلن تي قابض آھن، اھي دھشتگردي جي واقعن ۾ استعمال ٿين ٿا، سنڌ جي خوراڪ، پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيا وسيلا استعمال ڪن ٿا، اھي غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙا ھڻي رھيا آھن، سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪري رھيا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي دنيا ۾ ڪٿي بہ غير قانوني پرڏيھين جو تحفظ ناھي ڪيو ويندو. ھر ملڪ کي پنھنجا مفاد عزيز آھن، پنھنجي ملڪ جي ماڻھن جا مفاد عزيز آھن پر پاڪستان ۾ ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن سازشن کي ھٿي ڏني وڃي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جي
افغانين سميت سمورا غير قانون
0 تبصرے