English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
افغانين سميت سمورا غير قانوني پرڏيھي ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آھن: اياز لطيف پليجو
26 views
|
13th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
افغانين سميت سمورا غير قانوني پرڏيھي ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آھن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ غير قانوني افغانين سميت سمورا غير قانوني پرڏيھي ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آھن، انھن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سخت آپريشن ڪيو وڃي. نادرا جي ڪرپٽ عملدارن ۽ بلدياتي نمائندن رشوت وٺي غير قانوني رھائشي سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺاھي ڏنا آھن، انھن ملوث ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي ايم اقتدار ۽ ووٽ جي لالچ ۾ ملڪ جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ نہ وجھن ۽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو حصو نہ ٿين. افغانستان ۾ ھن وقت امن آھي، اتي جون معاشي حالتون پاڪستان کان وڌيڪ بھتر تي رھيون آھن، انڪري انھن کي ھتي رھائڻ جو ڪو بہ جواز نٿو بچي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سمورن وڏن شھرن ۾ غير قانوني افغاني ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي ڪالونيون ٺاھي قابض ويٺل آھن، اھي غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي روزگار جي وسيلن تي قابض آھن، اھي دھشتگردي جي واقعن ۾ استعمال ٿين ٿا، سنڌ جي خوراڪ، پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيا وسيلا استعمال ڪن ٿا، اھي غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙا ھڻي رھيا آھن، سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪري رھيا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي دنيا ۾ ڪٿي بہ غير قانوني پرڏيھين جو تحفظ ناھي ڪيو ويندو. ھر ملڪ کي پنھنجا مفاد عزيز آھن، پنھنجي ملڪ جي ماڻھن جا مفاد عزيز آھن پر پاڪستان ۾ ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن سازشن کي ھٿي ڏني وڃي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جي
افغانين سميت سمورا غير قانون
0 تبصرے