نوشھروفيروز ميونسيپل ڪميٽي جو ڊاڪٽر ڪاشف مصطفيٰ ميمڻ جي صدارت ۾ اجلاس
نوشھروفيروز(رپورٽر) نوشھروفيروز ميونسيپل ڪميٽي نوشھروفيروز جو اجلاس وائيس چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ جي نگراني ۾ ٿي گذريون اجلاس ۾ چيف ميونسيپل افيسر لياقت علي ڀٽي ڪائونسلرن پير خالد سيف اللہ سھروردي محمد معروف پيرزادو شاھد عظيمي جيسا رام ء ٻين ڪائونسلرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جتي چيئرمين جي ايڪٽنگ چارج جي حوالي سان ايجنڊا پيش ڪئي وئي جنھن کي ڪائونسل پاران اڪثريت راء سان ڊاڪٽر ڪاشف مصطفا ميمڻ کي ايڪٽنگ چيئرمين جي چارج ڏيڻ جي ريزيوليشن پاس ڪئي انھي موقعي تي ڪائونسل ميمبر پير خالد سيف اللہ سھروردي محمد معروف پيرزادي چيو تہ پارٽي جي ھر فيصلي کي لبيڪ ڪيون ٿا ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي مان شھر جي ڀلائي ء ڪائونسل جي ملازمن جي بھتري جي اميد رکون ٿا ٻئي طرف ڊاڪٽر ڪاشف مصطفا ميمڻ کي چارج ملڻ تي ڪائونسل جي دوستن جا ٿورا مڄيا انھي موقعي تي ڊاڪٽر ڪاشف مصطفا ميمڻ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ مان پھنجي ڪائونسل جي دوستن ء پارٽي جي اڳواڻن جو انتھائي مشڪور اھيان جن مون تي اعتماد ڪيو ھن چيو تہ انشاء شھر جي صفائي ستھرائي ملازمن جي مسئلن کي اولين ترجيح تي حل ڪيا ويندا مان شھرين حاڪم نہ پر خادم اھيان مھنجا شھرين جي لاء پھريان بہ دروازا کليل ھيا ء ھاڻي بہ کليل رھندا انھي موقعي تي خليفو عدنان منير احمد سومرو صابر راجپوت افيس سپريڊنٽ حاجي علي اصغر چنہ ساڻس گڏ ھيا
0 تبصرے