English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ بدامني خلاف پوسٽ شيئر ڪرڻ تي نوجوان گرفتار
166 views
|
16th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ بدامني خلاف پوسٽ شيئر ڪرڻ تي نوجوان گرفتار
نوشهروفيروز( ڊر) شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکندڙ نوجوان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. نوجوان احسان کوسي بدامني ۽ پوليس خلاف مسلسل سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکندو رھيو آھي. جنھن تان ڪاوڙ ۾ اچي نوشهروفيروز پوليس نوجوان کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. نوجوان تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف شھري سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن. شھرين پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ پوليس خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي شھرين نويد راڄپر، اسد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته نوجوان احسان شھري ايڪشن ڪميٽي جو اڳواڻ آھي جيڪو شھر ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف سوشل ميڊيا تي مھم ھلائڻ سان گڏ احتجاج ڪري رھيو ھو پر نوشھروفيروز پوليس بدامني تي ضابطو آڻڻ بجاءِ نوجوان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري نااھلي ظاھر ڪئي آھي. ھنن چيو ته ھن وقت به شھر بدامني جي ور چڙھيل آھي. منشيات ۾ ھيروئن، چرس، آفيم ۽ آئيس جو سرعام وڪرو ٿي رھيو آھي پر پوليس منشيات فروشن ۽ ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ شريف شھرين کي ھيسائي رھي آھي. ھنن چيو ته نوجوان احسان کوسي تان ڪيس ختم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شھر ۾ وڌندڙ بدامني
نوشهروفيروز
سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکندڙ ن
0 تبصرے