English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير؛ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جي ڇيئرمين نظير احمد ڀٽو پاران يوسي چشما جي بختاور ڳوٺ جو دورو، شھرين سان ملاقات
213 views
|
17th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ملير؛ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جي ڇيئرمين نظير احمد ڀٽو پاران يوسي چشما جي بختاور ڳوٺ جو دورو، شھرين سان ملاقات
ملير(ڊ ر) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جي ڇيئرمين نظير احمد ڀٽو يوسي چشما جي بختاور ڳوٺ جو دورو ڪيو۽ شھرين سان ملاقات ڪئي, بختاور ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت مهيا ڪرڻ لاء نئين پاڻي جي لائين وڇائڻ ۽ ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو,
ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو بختاور ڀٽو ڳوٺ جي عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاء نئين ڊسپينسري جي تعمیر لاءِ ھند جو وڻ جائزو ورتو، ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي ڊسپينسري جي قيام جي لاءِ تعميراتي ڪمن کي جلد کان جلد شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
ان موقعي تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بختاور ڳوٺ جي رهواسين کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ڏيڻ لاء نئين لائين وڇائي پئي وڃي, جنهن سان بختاور ڳوٺ جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ملندي,
عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ اسانجو فرض آھي, ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو چيو ته بختاور ڳوٺ جي رهواسين کي صحت جي مفت سهولت مهيا ڪرڻ لاء نئين ڊسپينسري قائم ڪئي پئي وڃي, ڊسپينسري جي قيام جو مقصد عوام کي مفت ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي قيادت ۾ ابراهيم حيدري ٽائون جي عوام جي خدمت جو تسلسل جاري رهندو.
عوام کي صحت، تعليم، پاڻي، سيوريج ۽ ٻين بنيادي سهوليتون مهيا ڪرڻ جي لاءِ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي رهيا آهيون پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي خدمت ۾ يقين رکي ٿي ايندڙ جنرل اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي مان ڪلين سوئيپ ڪندي ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو.
ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ جيڪڏهن ڪنهن جماعت ڪم ڪيا آهن ته اهو صرف ۽ صرف پاڪستان پيپلزپارٽي ڪم ڪيا آهن پاڪستان پيپلزپارٽي روزگار سان گڏ عوام کي سموريون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون آهن
مخالف جيترو چاهين مخالفت ڪن عوام پاڪستان پيپلزپارٽي کان علاوه ڪنهن ٻئي تي اعتماد نه ڪندي ايندڙ وقت ٻڌائيندو ته ڪراچي سميت صوبي سنڌ ۽ پوري پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.
ان موقعي تي ٽائون آفيسرن چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ساجده، سپريڊنٽ انجنيئر مرتضيٰ ملڪ، ايڪسيئين امان ڀٽي، فهيم احمد سميت جنرل ڪونسلر شاهنواز ڀٽو، يوٿ ڪونسلر امير بخش ڀٽو، يوسف خٽڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري
ملير
ڇيئرمين نظير احمد ڀٽو يوسي چشما
بختاور ڳوٺ جو دورو ڪيو۽ شھرين سان ملاقات ڪئي
0 تبصرے