English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
25 views
|
23rd Nov 2023
•
سنڌي خبرون
چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ، جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر علي اصغر سيال، گهرو سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي محمد سليم راجپوت، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن محمد علي کوسو، سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڪور 5، پاڪستان رينجرز ۽ پوليس جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان سڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم چيو ته سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي شفاف، منصفاڻي ۽ محفوظ چونڊن لاءِ پرامن ماحول پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پولنگ اسٽيشنن تي سمورين سهولتن جي دستيابي کي يقيني بڻايو ويندو، اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳايا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کي هدايت ڪئي ته معذورن جي سهولت لاءِ هر پولنگ اسٽيشن تي ريمپ جي تعمير کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چيو ته عام چونڊن لاءِ پولنگ عملي جي ڀرپور تربيت ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن ضلعي رٽرننگ آفيسرن، رٽرننگ آفيسرن سميت سموري پولنگ عملي جي تربيت کي يقيني بڻائيندو. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي گذريل اجلاس ۾ ڏنل هدايتن جي روشني ۾ اڄ هڪ جائزو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 130 سيٽن تي چونڊون ٿينديون. صوبي ۾ 19 هزار 200 پولنگ اسٽيشنون ٺاهيون وينديون. چونڊن ۾ سڄي صوبي ۾ 2 لک 27 هزار 424 سرڪاري ملازمن جون خدمتون ورتيون وينديون. اجلاس ۾ پوليس عملدارن ٻڌايو ته سڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ عام چونڊن ۾ 1 لک 45 هزار 334 پوليس اهلڪار سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
چيف سيڪريٽري سنڌ
ڊاڪٽر محمد فخر عالم
0 تبصرے