English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سولڊرٽي انٽرنيشنل ۽ سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران جيڪب آباد ضلعي جي 200برسات متاثرخاندانن ۾ راشن ۽ هائيجن ڪٽ تقسيم
views
|
24th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
سولڊرٽي انٽرنيشنل ۽ سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران جيڪب آباد ضلعي جي 200برسات متاثرخاندانن ۾ راشن ۽ هائيجن ڪٽ تقسيم
جيڪب آباد:عالمي سماجي تنظيم سولڊرٽي انٽرنيشنل Solidarity International ۽ سچل ويلفيئر آرگنائىزيشن پاران جيڪب آباد ضلعي جي برسات متاثر 200 مستحق خاندانن ۾ راشن ۽ هائيجن ڪٽ ورهايا ويا۔ عالمي سماجي اداري پاران هر مستحق خاندان کي 2 مڻ اٽو,10 ڪلو داليون,5 ليٽر ڪوڪنگ آئل سميت ٻيو کاڌي پيتي جو سامان فراهم ڪيو ويو.متاثر خاندانن کي صفائي سٿرائي لاء هائيجن ڪٽ پاڻي کي پيئڻ لائق بنائڻ لاء ايڪوا ٽيپ جون گوريون ۽ مڇرن کان بچاء جي لاء مڇر دانيون پڻ فراهم ڪيون ويون.ان موقعي تي عالمي سماجي تنظيم سولڊرٽي انٽرنيشنل ۽ سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن جا اڳواڻ پڻ موجود هئا.ان موقعي تي سچل ويلفيئر آگنائىزيشن جي سي اي او خادم حسين چيو ته عالمي سماجي اداري سولڊرٽي انٽر نيشنل جي تعاون سان 500 متاثر مستحق خاندانن ۾ هي پيڪيج ورهايو ويندو جنهن ۾ هن وقت تائين 200 خاندانن کي راشن جو پورو پيڪيج ۽ صفائي سٿرائي لاء هائيجن ڪٽ فراهم ڪيو آهي ۽ وڌيڪ 300 خاندانن کي پڻ ساڳيو پيڪيج ڏنو ويندو.ان کان علاوه ساڳي متاثرن کي هڪ مهيني کانپوء به راشن وارو پيڪيج ٻيهر به ڏنو ويندو.ان موقعي تي متاثرن ميڊيا سان ڳالهائىندي چيو ته عالمي سماجي اداري سولڊرٽي انٽرنيشنل ۽ سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن جا شڪر گذار آهيون جنهن برسات متاثر غريب ۽ مستحق خاندانن کي راشن ۽ صفائي سٿرائي جو ٻيو سامان مهيا ڪيو۔متاثرن وڌيڪ چيو ته عالمي سماجي ادارو سولڊرٽي انٽرنيشنل ۽ سچل ويلفيئر آرگنائيزيشن يوسي ناوڙا,شاهپور,جاگير ۽ رمضان پور جهڙن برساتن ۾ مڪمل طور پاڻي هيٺ آيل علائقن ۾ بلا تفريق ڪم ڪيو.سولڊرٽي انٽرنيشنل انهن يوسين جي متاثر گوٺن کي مٺي پاڻي جي فراهمي لا نلڪا ۽ پاڻي ڳوٺاڻن جي درن تائين پهچائڻ لاء لائنون لڳائي رهي آهي جيڪو قابل تحسين ڪم آهي۔متاثر ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته عالمي سماجي ادارو ڳوٺن ۾ ماڻهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ليٽرين پڻ ٺاهي ڏئي رهي آهي جيڪو ڪم قابل تحسين ڪم آهي ۽ اسين جيڪب آباد جي عوام پاران سولڊرٽي انٽرنيشنل جا شڪر گذار آهيون جنهن هن مشڪل وقت ۾ جيڪب آباد جي ماڻهن جي مدد ڪئي.اسين سولڊرٽي انٽرنيشنل جي اعلي عملدارن کي اپيل ٿا ڪيون ته جيڪب آباد هڪ پٺتي پيل ضلعو آهي ان لاء اتي وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جيڪب آباد
عالمي سماجي تنظيم
سولڊرٽي انٽرنيشنل
Solidarity International
سچل ويلفيئر آرگنائىزيشن
sachal
0 تبصرے