English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نياڻين کي اعليٰ تعليم کانسواءِ اسين ترقي نٿا ڪري سگھون: اياز لطيف پليجو
views
|
21st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
نياڻين کي اعليٰ تعليم کانسواءِ اسين ترقي نٿا ڪري سگھون: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ نياڻين کي اعلي تعليم کانسواءِ اسين ترقي نٿا ڪري سگھون. عورتن کي غلام ۽ ملڪيت سمجھندڙ قومون ھميشه غلام رھن ٿيون. عورت ڪمزور نہ پر سماج ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آھي، سنڌ ۾ عورتن سان غلامن جھڙو سلوڪ آھي، نياڻين کي اغوا ۽ قتل ڪيو وڃي ٿو، عورتن تي تشدد انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آھي. عورتن کي بنيادي انساني حق، تعليم ۽ برابري سان سنڌ ترقي ڪندي. ھن اھڙو اظھار قاسم آباد ۾ پارٽي جي مرڪزي آفيس ۾ ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي اڳواڻ ھميرہ اختر جي سالگره جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ بعد ڳالھائيندي ڪيو.اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ سنڌ ۾ قبيلائي دھشتگردي ۽ ڪارو ڪاري جا الزام ھڻي بيگناھ عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. قومي عوامي تحريڪ جي چاھي تہ سنڌ جي ھر نياڻي تعليمي يافتہ ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. نوجوان ميرٽ ذريعي اڳتي وڌن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ڪالاباغ ڊيم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد ۾ سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻي وارو بي مثال ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجھد ۽ ڪردار کان متاثر ٿي مذھبي ۽ وفاقي تنظيمن بہ عورتن کي اڳيان آندو آھي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ عورتون، ٻار ۽ اقليتي ماڻھو محفوظ ناھن ڪڏھن انھن کي اغوا ڪري زيادتي ۽ بدتر تشدد جو نشانو بنايو وڃي ٿو تہ ڪڏھن بيگناھ قتل ڪيو وڃي ٿو. اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قانون تہ موجود آھي پر انھن تي عمل نٿو ڪيو وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون چيو تہ سنڌ ۾ جرڳائي نظام ذريعي عورتن ۽ ڪمزور ماڻھن سان بدتر سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. معصوم نياڻيون ڪاريون ڪري قتل ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ عورتن، مردن، نوجوانن کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي.ان موقعي تي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نصرت خاصخيلي، روما شوڪت سريوال، شائسته ۽ قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻن خادم سمون، معشوق چانڊيو، شوڪت سريوال، ڊاڪٽر الطاف نانگراج،عباس پٺاڻ، غلام نبي سومرو، دلدار ابڙو، بابو ميمڻ، قمرالدين لاشاري ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ
qaoumi awami tahreek
qomi ayaz latif palejo
sindh
0 تبصرے