English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي سجاول جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين بابت اجلاس منعقد
29 views
|
21st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي سي سجاول جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين بابت اجلاس منعقد
سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين بابت اجلاس منعقد: ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان سندس آفيس ۾ اجلاس منقعد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين کان علاوہ اسسٽنٽ ڪمشنرن، ايجوڪيشن ورڪس، تعليم، صحت، پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ايجوڪيشن ورڪس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڊسمبر 2023ع جي آخر تائين سمورين تجويز ڪيل پولنگ اسٽيشنن جي مرمت سميت پاڻي، بجلي، بائونڊري وال، واش رومز ۽ ٻين مسنگ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ووٽرن ۽ پولنگ عملي کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منھن ڏيڻو نہ پوي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته هو پولنگ اسٽيشنن جي ترقياتي ڪمن جي مانيٽرنگ کي يقيني بڻائين ۽ پولنگ اسٽيشنن جي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺي اھڙي رپورٽ پيس ڪن تہ جيئن اعليٰ اختيارين ڏانهن اماڻي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته صاف، شفاف، غيرجانبدار ۽ پرامن طريقي سان چونڊن لاري عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ۽ مدد فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميہ جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آھي، ان ڏس ۾ لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پنھنجا سمورا وسيلا ڪتب ۾ آڻيندي سمورا گھربل انتظام مڪمل ڪن. هن سمورن آفيسرن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل کاتن جي گريڊ 5 کان گريڊ 20 تائين جي سمورن ملازمن جي لسٽ فارميٽ مطابق جلد کان جلد ضلعي اليڪشن ڪمشنر وٽ جمع ڪرائين تہ جيئن کين چونڊن واري عمل بابت تربيت ڏئي پولنگ عملي طور مقرر ڪري چونڊن واري عمل کي خوش اسلوبي سان مڪمل بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊي سي سجاول
ڊپٽي ڪمشنر سجاول
ڙ عام چونڊن جي تيارين
: ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ
0 تبصرے