English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان وٽ جديد ٽيڪنالاجي نه ھوندي ته اسين ترقي نه ڪري سگھنداسين: نديم الرحمان ميمڻ
44 views
|
21st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
اسان وٽ جديد ٽيڪنالاجي نه ھوندي ته اسين ترقي نه ڪري سگھنداسين: نديم الرحمان ميمڻ
حيدرآباد (بيورو) اسان ڊجٽلائيز دور مان گذري رھيا آھيون ، جيڪڏھن اسان وٽ جديد ٽيڪنالاجي نه ھوندي ته اسين ترقي نه ڪري سگھنداسين ، پھريان ڪنھن به نوجوان شاگرد وٽ ليپ ٽاپ ھجڻ ھڪ خواب ھو پر ھاڻي ھر شاگرد جي ضرورت آھي .اھا ڳالھ سيڪريٽري اطاعات کاتو سنڌ ، نديم الرحمان ميمڻ ، وزيراعظم پاڪستان جي ليپ ٽاپ اسڪيم فيز ٿري تحت سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ليپ ٽاپ ورھائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي . سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان ميمڻ چيو ته ھن اسڪيم تحت پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورھايا پيا وڃن جنھن سان پڙھائي ۾ مقابلي جو رجحان وڌندو ء ھن جديد دور ۾ جيڪو شاگرد ذھين ، باصلاحيت ء ھنرمند ھوندو اھوئي ڪاميابي ماڻيندو . ھن چيو ته ھي دور ڪمپيوٽر ء آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور آھي ء دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جا ذريعا وڌائڻ ء زرعي شين ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ لاء شاگردن کي تحقيق ڪرڻي پوندي ، جنھن لاء ھي ليپ ٽاپ سندن مددگار ثابت ٿيندا.سيڪريٽري اطلاعات سنڌ چيو ته زرعي شاگرد جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪراپ پراڊڪشن ، سوائل مينيجمينٽ ، ايگري بزنس ۾ بھتري آڻي سگھن ٿا. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ڊاڪٺر فتح محمد مري چيو ته وزيراعظم جي ليپ ٽاپ اسيڪم تحت زرعي يونيورسٽي جي 1025 پوزيشن ھولڊرس ۾ ليپ ٽاپ تقسيم ڪري چڪا آھيون . ھن چيو ته ليپ ٽاپ جي مدد سان شاگردن کي ريسرچ ڪرڻ ء نئين ٿيندڙ ريسرچ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي .ھن چيو ته ھو يونيورسٽي ۾ ٽيڪنالاجي جي مدد سان سمارٽ ڪلاس ء اي آفيس متعارف ڪرائي رھيا آھي . ريجنل ڪوآرڊينيٽر وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم منظور علي رند چيو ته ھيل تائين ٿري فيزن ۾ پاڪستان ۾ پنج لک ليپ ٽاپ شاگردن ۾ تقسيم ڪيا ويا آھن جن ۾ ھڪ لک ليپ ٽاپ سنڌ جي يونيورسٽين جي شاگردن کي ڏنا ويا آھن . ھن چيو ته اڄ زرعي يونيورسٽي 145 شاگردن ء مجموعي طور ٽئين فيز ۾ 1025 شاگردن کي ليپ ٽاپ ۾ تقسيم ڪري رھيا آھيون تقريب کي ريجنل ڊائريڪٽر ايڇ اي سي جاويد علي ، ڊين سوشل سائنس اعجاز علي کونھارو ء ٻين خطاب ڪيو . تقريب جي آخر ۾ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان ميمڻ ، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن محمد عمران ، جواد علي ، مينيزه ، زينب سحر، احمد رضا ، حسيب ، فرحان علي ، رميز راجه ، ثمر علي ء ٻين ۾ ليپ ٽاپ تقسيم ڪيا.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
نديم الرحمان ميمڻ
سيڪريٽري اطاعات کاتو سنڌ
يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ليپ ٽاپ ورھائ
0 تبصرے