English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٻھراڙيون سئي گيس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن: اياز لطيف پليجو
54 views
|
26th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ٻھراڙيون سئي گيس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ٻھراڙيون سئي گيس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن. لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس جو شڪار آھن. نياڻين جي اعلي تعليم جا دروازا بند آھن. صحت جون بنيادي سھولتون ناھن. شھر ڪچري جو ڍير بنيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو جيڪو سڄو ملڪ استعمال ڪري ٿو پر قدرتي وسيلن وارن ضلعن جون ٻھراڙيون گئس جي بنيادي سھولت کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ زمين جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي. پيئڻ جو صاف پاڻي نہ ھجڻ ڪري لکين ماڻھو سنکيو مليل زھريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، جنھنڪري ھيپاٽائيٽس ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آھن. حڪومت ٻھراڙين ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جو منصوبو جوڙي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي آھي. شھرن جي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙيون تعليم ۾ پٺٽي پيل آھن. سنڌ جي ترقي لاءِ تعليمي نظام کي بھتر بنايو وڃي. ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ استاد مقرر ڪري سھولتون ڏنيون وڃن. خاص طور نياڻين جي تعليم کي بھتر ڪيو وڃي. تعليم سان ئي سنڌ ترقي ڪري سگھي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
تازہ ترین
شہید محترمہ بینظیر بھٹو کی 18ویں برسی کے سلسلے میں پاکستان پیپلز پارٹی تحصیل باقرانی کی ایگزیکٹو کمیٹی کا اجلاس
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ميهڙ واسي جو پٽ سميت ڀاءُ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳوٺن ۾ گندگي ۽ گٽرن جي پاڻي جو آزار
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ذوهيب خان پنهور پاران وڏيري ذوالفقار پنهور سان تعزيت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
جي سربراھ اياز لطيف پليجي
0 تبصرے