English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو ضلعو ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو، ننڍن وڏن شھرن ۾ ريليون
views
|
03rd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعو ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو، ننڍن وڏن شھرن ۾ ريليون
ٺٽو(شفيق ڀٽي) سنڌ جي ثقافت واري ڏيھاڙي تي سنڌ رنگن ۾ رنگجي ويئي، ٺٽو، مڪلي سميت ضلعي جي ھر ننڍي وڏي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ سنڌي ثقافت جا رنگ جرڪي پيا، ريليون ڪڍي ثقافت واري ڏيھاڙي کي عيد جيان ملھايو ويو، ٺٽو ۽ مڪلي جي نوجوانن پاران ھڪ وڏي ثقافتي ريلي معراج زرداري، عباس زرداري ۽ آفاق پيرزادو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي، جنھن ۾ جاکرا برادري جي معزز ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي ميمبر وڏيرو رسول بخش جاکرو بہ شامل ٿي ويو ، نوجوانن سان ملاقات ڪري ثقافتي ڏيھاڙي جون مبارڪون ڏنيون، ٻئي طرف صوفي سنگت ٺٽو جي نوجوانن به ٺٽو کان مڪلي تائين وڏي ريلي ڪڍي ايڪتا سان اظهار ڪيو خشڪ چوڪ ٺٽي کان به اسد خشڪ سهيل شورو محمد ميمڻ خشڪ ۽ سنگت پاران پڻ الڳ الڳ ثقافتي ريليون نڪتيون صوفي سنگت جي سرڪي رضوان فيض، ساحل سرڪي، نومان خاصخيلي، احمد سرڪي، موعيز اعوان، منان قريشي، اسد خشڪ، عرفان خشڪ، حسن حمائتي، حسين حمائتي ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ ريلي ٺٽي کان ڪڍي قومي گيتن تي جھمريون ھڻي ثقافتي ڏيھاڙي کي ڀرپور نموني ملھايو، ھوڏانھن سنڌ ملاح فورم ٺٽي پاران ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، محمد خان ملاح، وڏيرو محمد عرس گندرو، محمد ايوب ملاح جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي ويئي، جنھن ۾ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي مقررين چيو تہ سنڌ جي ثقافت ھزارين سال پراڻي آھي، اسانکي پنھنجي ثقافت تي ناز اھي، جنھن ۾ سنڌي ٽوپي، اجرڪ، ڪھاڙي، پٽڪو اھم نشاني آھي، ھنن چيو تہ اسانجو ثقافتي ڏيھاڙو عيد ڏيھاڙي کان گھٽ ناھي، جنھن کي ھرسال جوش جذبي سان ملھايون ٿا، سنڌي ثقافت ئي سنڌي ماڻھن جي سڃاڻپ آھي. ھوڏانھن جھمپير، جنگشاھي، گجو، گھارو، ڌاٻيچي، ساڪرو، ٻوھارن سميت ٻين علائقن ۾ پڻ ريليون ڪڍي سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو. جڏھن تہ داٻيجي ۾ نڪرندڙ ريلي ۾ ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو پاران خصوصي طور شرڪت ڪئي ويئي. ساڳي وقت سنڌي يوٿ پٺاڻ جي صدر محمد خان پٺاڻ رحيم خان پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ سوين سنڌي يوٿ پٺاڻ جي نوجوانن ڀرپور شرڪت ڪري ايڪتا کي عيد ڏينهن طور ملهايو ۽ سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي ريلي ڪڍي سنڌي قومي گيتن تي رقص ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
sindhi cultural day
ثقافت واري ڏيھاڙي
سنڌ رنگن
0 تبصرے