English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊي سي جي اڳواڻي ۾ ڪرپشن بابت آگاھي ريلي ڪڍي وئي
208 views
|
12th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڊي سي جي اڳواڻي ۾ ڪرپشن بابت آگاھي ريلي ڪڍي وئي
سجاول (گلشيرميربحر)ڪرپشن هڪ ناسور آهي جنهن جون پاڙون پٽڻ لاءِ هر فرد کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو,مُلڪ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڪرپشن آهي جنهن جو خاتمو وقت جي اھم ضرورت آهي. ڊپٽي ڪمشنر سجاول ,ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو آھي ته ڪرپشن هڪ ناسور آهي جنهن جون پاڙون پٽڻ لاءِ هر فرد کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جئين ايندڙ نسلن کي ڪرپشن کان پاڪ معاشرو ملي سگهي. اھڙين ڳالھين جو اظھار ھنن ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي ضلعي انتظاميه سجاول پاران عوام ۾ ڪرپشن بابت آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان نڪتل هڪ شاندار ريلي جي قيادت بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي ڪيو. هنن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز به ڪرپشن کان پاڪ معاشري ۾ آهي، ڪرپشن هڪ سماجي ظلم آهي جنهن جي سزا دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ آهي، ڪرپشن اسان جي ادارن ۽ مُلڪ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي جنهن جو خاتمو وقت جي اھم ضرورت آهي. ھنن چيو تہ هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد بدعنواني ۽ ڪرپشن جي نقصانن بابت عوام ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ آهي. ريلي ۾ ايس ايس پي شھلا قريشي ۽ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اڪرام علي مغيري سميت روينيو، تعليم، صحت، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، سوشل ويلفيئر ۽ ٻين مختلف کاتن جي عملدارن ۽ عملي، مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
corruption day
anti-corruption
0 تبصرے