English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان جو تعليمي نصاب جديد، انسان دوست ۽ سائنسي هجڻ گهرجي: اياز لطيف پليجو
views
|
12th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
اسان جو تعليمي نصاب جديد، انسان دوست ۽ سائنسي هجڻ گهرجي: اياز لطيف پليجو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي زيبل يونيورسٽي ۾ شاگرد ڪانفرنس کي خطاب چيو آهي تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ کي شامي غريب بڻائي ڇڏيو آهي شاھوڪار سنڌ جا غذا واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن شاگرد ملڪ ۾ ڏوهن ۽ جهالت جو رستو روڪين. سنڌ جي ثقافت امن، برابري ۽ محبت جي ثقافت آهي. اسان جو تعليمي نصاب جديد، انسان دوست ۽ سائنسي هجڻ گهرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ادارا تباھ ، ڳوٺ فقير، شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن، سنڌ جا ماڻهو پٿر جي دور ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي پر سڄي سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا شاگرد پندرهن سالن کان سخت احساس محرومي جو شڪار آهن جيڪڏهن عقلمندي سان ڪم نہ ورتو ويو تہ اسان کي چين-آمريڪي تڪرار جو نقصان ٿيندو. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي ڪري ڏکڻ ايشيا جي معيشت ۽ قدر تباھ ٿيا. اياز لطيف پليجو علم، ادب ۽ ثقافت کان سواءِ قومون کوکليون ٿي وينديون آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ شاگرد مايوسي واري خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچن. استادن ۽ ڊاڪٽرن کي جديد تحقيق ڏانهن هم آهنگ ٿيڻو پوندو. شاگرد ملڪ ۾ تعليم، امن ۽ صحت لاءِ ڪردار ادا ڪن. اقليتن جي تحفظ، رواداري ۽ برابري سان پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻو پوندو. چونڊن کان اڳ اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن کي شفافيت لاءِ روڊ ميپ ڏيڻو پوندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جي مسئلن جو حل روشن خيالي، احتساب ۽ غيرجانبدار پرڏيهي پاليسيءَ ۾ آهي. نوجوانن کي فيصلا سازي ۽ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي عورتن ۽ اقليتن تي تشدد خلاف پارليامينٽ ۽ عدليه ڪردار ادا ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن سنڌ کي موت جو گھر بنائي ڇڏيو آھي۔ تيل، گئس، ڪوئلو، بندرگاھون، زراعت ۽ ٻيا قدرتي وسيلا مال غنيمت ڪري لٽيا پيا وڃن۔ نوڪريون ميريٽ تي ڏيڻ بدران نيلام ڪيون وڃن ٿيون۔ سفارش جي ڪلچر ميريٽ کي تباھ ڪيو آھي۔ جيڪي صنعتي ادارا موجود آھن انھن ۾ مالھي ۽ پيش امام بہ ٻاھر جو رکيو وڃي ٿو، زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪرڻ سبب غربت وڌي آھي۔ ھاري ۽ آبادگار کان وٺي مزدور تائين لکين عوام بدحالي جو شڪار ٿيو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جون ڪوڙيون دعوائون ڪندڙ حڪمران پنھنجي ڪارڪردگي جي تصوير صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ ۾ ڏسن، جنھن ۾ سنڌ ۾ ماڻھو بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي زندگين جا ڏيئا اجھائي رھيا آھن۔ سنڌ ۾ ماڻھو حڪمرانن جي بي حسي ۽ ڪرپشن جي ڪري آپگھات ڪري رھيا آھن۔ عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن۔ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ دروازا بند ڪرڻ ائين آھي جيئن لاھور ۾ سڄي دنيا کي پڙھڻ ڏنو وڃي پر پنجاب جي نوجوانن لاءِ دروازا بند ھجن. جيئن پشاور ۾ پشتون نوجوانن لاءِ دروازا بند ھجن ۽ ڪوئيٽا ۾ بلوچ نوجوانن جا دروازا بند ڪري ڇڏجن. ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نوجوانن کي پڙھڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگھي. سنڌ دشمن پاليسين کي نٿا مڃون. اياز لطيف پليجي چيو تہ مزدور، ھاري ۽ غريب عوام کي ٻن ويلن جي ماني کان محروم ڪيو ويو آھي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..
01st Jul 2025
•
سندھ
دادو میں خلق جی خدمت آرگنائزیشن کی جانب سے محرم الحرام کے موقع پر ٹھنڈے پانی اور شربت کی سبیل سبیل کا اہتمام
01st Jul 2025
•
سندھ
ال میچ میکر ایسوسی ایشن کے چیئرمین سمیع شیخ کا "ہمسفر فورایور لوو" میرج بیورو کے دفتر کا دورہ
01st Jul 2025
•
شوبز
سیان بروک نے ’ہاؤس آف ڈریگن‘ میں مختصر کردار سے ناظرین کو متاثر کر دیا
01st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪاٺوڙ واسين جو بجلي ۽ پاڻي گهرڻ ڏوھ بڻجي ويو، 300 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ دريا خان مري واسي لا جي شاگرد معيز علي چوهاڻ جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ
ڪراچي
زيبل يونيورسٽي ۾ شاگرد ڪانفرنس
0 تبصرے