English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي منگهو پير ٽائون جي رھواسين جو بنيادي سهولتون جي اڻھوند خلاف ڌرڻو
36 views
|
10th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي منگهو پير ٽائون جي رھواسين جو بنيادي سهولتون جي اڻھوند خلاف ڌرڻو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي )ڪراچي جي منگهو پير ٽائون جي رھواسين جو بنيادي سهولتون جي اڻھوند خلاف سياسي سماجي اڳواڻن. سول سوسائٽي. دڪاندارن علائقي جي رھواسين پاران درگاهه منگهو پير مين روڊ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو. سالن کان وٺي مين روڊ جو ڪم سست رويي جو شڪار آھي. مين روڊ جو ڪم شروع نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين. اڳواڻ تفصيل موجب ڪراچي جي منگھو پير ٽائون جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن. سول سوسائٽي سميت علائقي جي رھواسين جماعت اسلامي جي عبدالمجيد خاصخيلي. مسلم ليگ ن جي محمد ساجد. پي ٽي آءِ جي حاجي عبدالمنان. پيپلز پارٽي جي زنوارهاشمي. جميعت علماءِ اسلام جي امير ڊاڪٽر غلام بادشاه. پرائيويٽ اسڪول منگھو پير ٽائون جي ڊائريڪٽر عبدالله صديقي، پروفيسر عظمت الله شراڻي. پرنسپال نيشن اسڪول جي پرنسپل عبدالستار آفريدي.سماجي اڳواڻ وحيد پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منگھو پير درگاهه آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سڄي ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبا هلي رهيا آهن پر سنڌ جي وڏي ۾ وڏي آبادي رکندڙ منگهو پير ٽائون جو ڪم سالن کان سست رويي جو شڪار آھي. چونڊيل نمائندن 15 سالن کان منگهو پير ٽائون جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناھي ورتي. هن روڊ تي قائم مين مارڪيٽون بازارون تباهه ٿي ويون آهن. ڪاروبار مڪمل طور تي تباھ ٿي چڪو آهي. دڪاندارن جي گهرن ۾ فاقا ڪشي وارو ماحول اھي. هتان گذرندڙ گاڏين کي حادثا پيش اچي رھيا آھن اڌ ڪلاڪ جو سفر ڪلاڪن ۾ ٿئي ٿو. ايمرجنسي جي صورت ۾ اسپتال تائين نٿا پھچي سگھون ۽ جنھن ڪري ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي ويون آهن. هن مين روڊ تي سنگ مرمر جا وڏا ڪارخانا آهن. پٿر سان ڀريل گاڏيون ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڦاسي وڃن ٿيون. هن چيو ته منگهو پير ٽائون ۾ منشيات جو ڪاروبار کليل نموني هلي رهيو آهي. بنيادي سهولتون صحت تعليم. بجلي، گيس ۽ روڊ رستن جي کوٽ آھي. ان سڄي صورتحال جا ذميوار ھتان جا چونڊيل نمائندا ملوث اھن. جيڪي اقتدار ۾ اچي مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آھن. منگھو پير ٽائون کي لاوارث حالت ۾ ڇڏيو ويو آھي. ھنن چيو ته مين روڊ جو ڪم جلد شروع نه ڪرايو ويو ته اسين مرحلي وار تحريڪ شروع ڪنداسين. مظاهرين اعلي اختيارين کان فوري طور نوٽيس وٺي منگھو پير جي روڊ سميت بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي جي منگهو پير ٽائون
رھواسين جو بنيادي سهولتون
0 تبصرے