English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌڙي جي بوائز ھاءِ اسڪول دين محمد ناريجو ۾ ثقافتي تقريب منعقد
views
|
14th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌڙي جي بوائز ھاءِ اسڪول دين محمد ناريجو ۾ ثقافتي تقريب منعقد
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) تعلقي سنڌڙي جي گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول دين محمد ناريجو ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا، ان سلسلي ۾ ھڪ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي ويئي، تقريب ۾ شاگردن ثقافتي ويس سنڌي ٽوپي اجرڪ اوڍي ، گھوٽ ۽ ڪنوار وارو ناٽڪ ادا ڪري سنڌي گانن تي رقص ڪرڻ ۽ سنڌي گيت ڳائڻ سميت تقريرون ۽ مختلف ٽيبلوز پيش ڪري آيل مھمانن کان داد وصول ڪيون، تقريب ۾ مھمان خاص تعلقه ايجوڪيشن آفيسر مصطفي جمال پنھور صاحب ، مقامي اڳواڻن يامين ناريجو، امداد ناريجو ، يوسي چٽوڙي جو چيئرمين علي اڪبر ناريجو ، وائس چيئرمين جان علي جوڻيجو، اڳوڻو ھيڊ ماستر جميل لاشاري ، سماجي اڳواڻ ذوالفقار ڀٽو شر شرڪت ڪئي جن کي اسڪول جي ھيڊ ماستر محمد سليم جتوئي ٻين استاد پاران آڌرڀاء ڪري کين سنڌ جي روايت موجب اجرڪون پيش ڪيون، تقريب ۾ آيل مھمانن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت قديم آھي، ۽ سنڌي ٽوپي اجرڪ ئي سنڌين جي سڃاڻپ آھي ، اسڪولن ۾ اھڙا ثقافتي پروگرام ٿيڻ ھڪ بھترين سرگرمي آھي ۽ اھڙا ثقافتي پروگرام ٿيڻ گھرجن ته جئين شاگردن ۾ سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪري سگھجي، ۽ شاگردن ۾ اھڙو ٽيلنٽ ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي، شاگردن جي ٽيلنٽ کي ظاھر ڪرڻ ۾ استادن جو اھم ڪردار آھي ، سنڌ جي تعليم ۾ بھتري اچي رھي آھي يقينن ھاڻي بھترين استاد اچي ويا آھن ۽ سنڌ جو مستقبل ھاڻي انھن بھترين استادن جي ھٿن ۾ آھي، جڏھن ته تقريب ۾ اسٽيج جا فرائض استاد روي شنڪر مالھي سرانجام ڏنا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ميرپورخاص
تعلقي سنڌڙي
بوائز ھاء اسڪول دين محمد ناريجو
ثقافتي رنگ
شاگردن ثقافتي ويس سنڌي ٽوپي
0 تبصرے