English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پورھيت تنظيمن جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت ڏھرڪي پھچي وئي، ھنگامي گڏجاڻي منعقد
212 views
|
21st Dec 2023
•
سنڌي خبرون
پورھيت تنظيمن جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت ڏھرڪي پھچي وئي، ھنگامي گڏجاڻي منعقد
ڏھرڪي(عمران علي ملڪ) گھوٽڪي ضلعي جي مختلف صنعتي ادارن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن جا مسـئلا حل ڪرائڻ لاءِ پورھيت تنظيمن جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت ڪالھ ڏھرڪي پھتي جتي اينگرو، ماڙي پيٽروليم، لبرٽي پاور پلانٽ ڦچ، ايف ايف سي ۽ ڏھرڪي ٽائون ڪاميٽي ۽ ٻي ادارن جي مزدور تنظيمن جي اڳواڻن جو ڪٺ ٿي گذريو. ڪٺ کي خطاب ڪندي پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري وقاراحمد ميمڻ، سنڌ ريجن جي صوبائي چيئرمين محمد اشفاق، عبدالرحمان صديقي، امام دين، رحمت علي، لکمير مھر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ ضلعي گھوٽڪي جي سڀني ادارن جي پورھيتن جا مسئلا ڳنڀير آھن جن کي فوري طور حاصل ڪرڻو آھي. ساڳي وقت پورھيتن جي خاندان کي صحت ۽ سندن اولاد کي تعليم جي سھولت پڻ ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گھرجي. ھنن چيو تہ لبرٽي پاور پلانٽ جي انتظاميہ مقامي ماڻھن سان دشمني واري رويو رکندي پئي اچي. درجنين پورھيتن جون نوڪريون چٽ ڪري آفيسر آرامي ٿيو ويٺا آھن. برطرف پورھيتن جي گھر جي چلھ وسائڻ بعد کين سک جو ساھ نہ کڻڻ ڏنو ويندو. ھنن چيو جلدي گھوٽڪي ضلعي اندر ملڪ گير ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو. جنھن ۾ ھتان جي مڙني ادارن کي پورھيتن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ھڪ محدود وقت لاءِ مھلت ڏني ويندي. جنھن دوران مسئلا حل نہ ٿيا تہ دما دم مست قلندر ڪيو ويندو. ھنن وڌيڪ چيو تہ مزدور جي پگھر وھي ٿو تہ افسر شاھي سڻڀو گرھ کائين ٿا ھاڻي پورھيتن جي تقدير بدلائڻ مزدور تنظيمن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سخت ۽ پرامن جدوجھد ڪرڻي پوندي. ڪٺ کي مزدور اڳواڻن فتح محمد لکن، رانجھڻ سميجو،رجب علي سميجو، غلام سرور، غلا مرتضيٰ، لعل بخش، موج علي، منير سومرو، شوڪت دائودپوٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏھرڪي
گھوٽڪي ضلعي جي
صنعتي ادارن ۽ ادارن
0 تبصرے