English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
معذور ماڻهو نه رڳو اسان جا شهري پر اسان جو قيمتي اثاثو آهن: نگران وڏو وزير
186 views
|
22nd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
معذور ماڻهو نه رڳو اسان جا شهري پر اسان جو قيمتي اثاثو آهن: نگران وڏو وزير
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سيڪريٽري ڊي اي پي ڊي طحه فاروقي، سينيٽر ڪشور زهرا ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير ايشيا ڪپ کٽڻ تي ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي هر هڪ ميمبر کي هڪ لک رپيا انعام ڏيڻ ۽ کين اعزازي ميڊل پڻ ڏيڻ اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير ايشيا ڪپ کٽڻ واري ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جرئتمند ڪاميابيون نه رڳو پختي عزم پر پاڻ جي بااعتمادي جي قدرن کي پڻ اجاڳر ڪن ٿيون، آئون سمجهان ٿو ته توهان جي صلاحيتن کي ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود ميچ کٽيو هوندو. وڏي وزير چيو ته هن فتح توهان لاءِ خصوصي فرد Differently Abled Persons لفظ کي حقيقت بڻائي ڇڏيو آهي. وڏي وزير چيو ته معذور ماڻهو نه رڳو اسان جا شهري پر اسان جو قيمتي اثاثو آهن، اچو ته گڏجي عهد ڪريون ته ”معذور سڃاڻپ“ واري پراڻي روايتي روايت کي تبديل ڪريون. هن چيو ته اسان کي معذور ماڻهن کي سماج جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، سنڌ پرسنز ڊس ايبلٽيز ايڪٽ 2018ع کي ان جي اصل روح موجب لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت هر فرد کي برابري جا موقعا، پهچ، اهميت، روزگار ۽ قابليت کانسواءِ عزت ڏيڻ چاهي ٿي ۽ معذورن جو کاتو (DEPD) ڀرپور خدمت ڪري رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت گرانٽ جي صورت ۾ سماج ۾ بهتري آڻڻ وارن جي مدد ڪري ٿي، اچو ته اهڙو معاشرو جوڙيون جتي هر فرد پاڻ کي بااختيار محسوس ڪري. تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري ڊي اي پي ڊي طحه فاروقي چيو ته سنڌ حڪومت اسپيشل ٻارن لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون شروع ڪيون آهن ۽ گلستان جوهر سينٽر ۾ جم سينٽر قائم ڪري رهي آهي. آخر ۾ وڏي وزير ايشيا ڪپ کٽيندڙ ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ۾ هڪ هڪ لک جا چيڪ ۽ ميڊل ورهايا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر
ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز
0 تبصرے