English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊي سي ۽ ڊي آر او جي صدارت ۾ اليڪشن جي حوالي اھم گڏجاڻي
190 views
|
22nd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڊي سي ۽ ڊي آر او جي صدارت ۾ اليڪشن جي حوالي اھم گڏجاڻي
سجاول(رپورٽر)ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر سجاول جي صدارت هيٺ عام چونڊن 2024ع جي تيارين جو جائزو وٺڻ بابت اهم ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر سجاول عبدالواجد شيخ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي سموريون سهولتون ۽ مدد فراهم ڪرڻ سمورن کاتن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري ۽ اسان سڀني جو قومي فرض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سندس آفيس ۾ عام چونڊن 2024ع جي تيارين جو جائزو وٺڻ بابت هڪ اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي شهلا قريشي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت تعليم، صحت، ايجوڪيشن ورڪس، حيسڪو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيڪيورٽي انتظامن، پولنگ عملي جي تربيت، بجلي جي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ، ايمرجنسي هيلٿ پلان، پولنگ اسٽيشنن تي بنيادي سهولتن جي فراهمي، ٽرانسپورٽ سميت چونڊ عمل ۽ ٻين انتظامي معاملن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ عبدالواجد شيخ ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته سمورين پولنگ اسٽيشنن ۾ پيئڻ جو پاڻي، بجلي، واش رومز، فرنيچر، ريمپ ۽ ٻيون سمورين گهربل سهولتن جي موجودگي سميت پولنگ اسٽيشنن جي مرمت ۽ بحالي ۽ ٻين انتظامن کي هر صورت ۾ 15 جنوري کان اڳ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پولنگ اسٽيشنن جي حتمي لسٽ اعليٰ اختيارين کي موڪلي سگهجي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هُن پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته ريٽرننگ آفيسرن جي آفيسن سميت سمورين پولنگ اسٽيشنن جي سڪيورٽي لاءِ فول پروف پلان تيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به امڪاني اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي ۽ چونڊ عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿي سگهي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران اليڪشن جي حوالي سان سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان کان اڳ ضلعي اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين چيو ته مرد ۽ عورت پرزائيڊنگ ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي چونڊن جي حوالي سان تربيت ڏني ويندي ته جيئن اليڪشن واري ڏينهن پولنگ جو عمل بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهجي. هن چيو ته سمورن کاتن جا آفيسر پنهنجي لاڳاپيل عملي کي تربيت دوران شرڪت لاءِ پابند بڻائين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
ايس ايس پي شهلا قريشي
ڊپٽي ڪمشنر
رٽرننگ آفيسر سجاول
0 تبصرے