English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏھرڪي ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران انسانيت جي نالي هڪ شام منعقد
views
|
22nd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڏھرڪي ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران انسانيت جي نالي هڪ شام منعقد
ڏھرڪي (عمران علي ملڪ )انسانيت جي نالي تي هڪ شام، الخدمت فائونڊيشن سڄي ملڪ وانگر ضلعي گهوٽڪي ۾ به خدمت خلق ۾ مصروف آهي الخدمت جي خدمتن کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ الخدمت فائونڊيشن پاران گرانڊ مارڪي ميريج هال ڏهرڪي ۾ ڊنر جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ صحت، يتيم ٻارن جي ڪفالت، صاف پاڻي، قدرتي آفتن ۾ متاثرن جي مدد، تعليم ۽ تفريح جي ست شعبن جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته الخدمت اسپتال جي 24 ڪلاڪ ايمرجنسي سروس، 24 ڪلاڪ ايمبولينس سروس، 24 ڪلاڪ ليب 50 سيڪڙو رعايت تي ۽ 24 ڪلاڪ الخدمت فارميسي جي 12 کان 14 سيڪڙو رعايت، 350 يتيم ٻارن جي اسپانسر ڪرڻ جو هڪ وڏو پروگرام هلندڙ آهي جنهن ۾ يتيم ٻار آغوش ڪاليج مري ۽ آغوش ڪاليج هالا حيدرآباد سميت ڏهرڪي شهر جي سٺ 60 پرائيويٽ اسڪولن ۾ معياري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. الخدمت فائونڊيشن سال 2015 کان انهن سڀني ٻارن جي تعليم، خوراڪ ۽ بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سماجي خدمت ڊپارٽمينٽ پاران غريب ۽ مسڪين خاندانن ۾ مفت راشن جي ورهاست، مستحق معذورن ۾ ويل چيئرز ۽ سياري جي موسم ۾ غريب خاندانن ۾ گرم ڪپڙا ۽ ڪمبل ورهايا ويندا آهن. صاف پاڻي جا پلانٽ لڳائي عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان هزارين ماڻهو بيمارين کان بچي رهيا آهن. قدرتي آفتن، برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ بي گهر ماڻهن لاءِ خشڪ راشن، مفت طبي ڪئمپون، خيما ۽ گهر ٺاهي هزارين ضرورتمندن جي مدد ڪئي، روزگار پروگرام تحت ننڍڙن واپارين کي بنا سود جا قرض ڏنا ويندا آهن پروگرام ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ يتيم ٻارن جي سار سنڀال، اسپتالن ۽ سماجي خدمتن جي لاءِ01 ڪروڙ25 لک روپين کان وڌيڪ عطيو ڏيڻ جو واعدو ڪيو، جنهن ۾ اڳ ۾ ئي اسپانسر ٿيل ٻارن جي بحاليءَ جو ڪم شامل ڪيو ويو. هن پروگرام ۾ خاص مهمان الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي نائب صدر عبدالشڪور انجنيئر عمر فاروق نائب صدر الخدمت فائونڊيشن سنڌ ريجن، ردا زهرا ٽالپر اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙهه، پروفيسر محمد دين راڄڙي، ساجد علي دايو صدر الخدمت فائونڊيشن ضلعي گهوٽڪي، محمد ذيشان نائب صدر الخدمت فائونڊيشن ضلعي گهوٽڪي, مفتي محمد يوسف مزاري امير جماعت اسلامي ضلع گهوٽڪي، تشڪیل احمد صديقي نائب امير جماعت اسلامي ضلعي گهوٽڪي شرڪت ڪئي ۽ شريڪ ٿيل مھمانن لاءِ ڊنر جو پڻ خاص انتظام ڪيو ويو ۽ اداري جي ڪاميابي لاءِ خصوصي دعا سان پڄاڻي ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏھرڪي
انسانيت جي نالي
الخدمت فائونڊيشن
ملڪ وانگر ضلعي گهوٽڪي
0 تبصرے