English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ سچ سوشل ويلفيئر طرفان قومي راڳي سرمد سنڌي جي ياد ۾ پروقار تقريب
views
|
26th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ سچ سوشل ويلفيئر طرفان قومي راڳي سرمد سنڌي جي ياد ۾ پروقار تقريب
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سچ سوشل ويلفيئر جي طرفان سنڌ جو ٻيجل قومي راڳي سرمد سنڌي جي 27هين ورسيءَ جي حوالي سان هڪ ننڍڙي پر شانائتي ۽ مانائتي تقريب ملهائي وئي. تقريب ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن سان گڏ علمي ۽ ادبي معزز مھمانن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شامل سڀني مھمانن سرمد سنڌي عرف عبدالرحمٰن مغل جي فن، شخصيت ۽ ڪردار تي روشني وڌي. سرمد سنڌي جي ياد واري تقريب ۾ شامل معزز مھمانن ۾ پي ٽي وي جو جنرل مينيجر امجد شاه، اڳوڻو پي ٽي وي جو پروڊيوسر ۽ لوڪ راڳي ڀيدل مسرور، ليکڪ، ڪالم نگار ۽ فلمي صحافي اظھر جوکيو، سماجي اڳواڻ سليم ميمڻ، ٽي وي ڊرامن جو هدايتڪار جاويد خاصخيلي، اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر جاويد شيخ ۽ ٻيا شريڪ هئا. سچ سوشل ويلفيئر جي سرواڻ پنھنجي آجياڻي واري تقرير ۾ مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ سڀني آيل مھمانن کي تحفي طور اجرڪ اوڍايا ويا. عبدالوهاب سومرو پنھنجي تقرير ۾ سچ سوشل ويلفيئر طرفاان ايندڙ پروگرامن جو وچور ۽ تفصيل پڻ پيش ڪيا جن ۾ شاعر عبدالغفار تبسم سان شام، مچ ڪچھري ۽ ايوارڊ تقريب شامل آھن.اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر جاويد شيخ سرمد کي لفظي ڀيٽا ڏيندي چيو ته ”سرمد سنڌ جي ھر طبقي جو پسنديده قومي ڪلاڪار ھو، ھاري ناري کان ويندي قومي ڪاموري ۽ سوڪالڊ سياستدان تائين سڀ سندس شيدائي ھئا. سرمد سنڌي ڌرتيء جي عاشق طور سدائين امر رھندو.“ ليکڪ، ڪالم نگار ۽ فلمي صحافي اظھر جوکيو چيو ته سرمد سنڌي جي فن، شخصيت ۽ ڪردار تي جيترو ڪم ٿيڻ گهرجي اسين اوترو ڪم نه ڪري سگهيا آھيون، دنيا ۾ قومي ڪردارن تي فلمون پيون ٺھن ۽ اسين پنھنجي قومي عوامي ڪردارن کي متنازعه بڻائڻ جي پٺيان هٿ ڌوئي لڳل آھيون، ان جو تازو مثال ”اياز ميلي“ جو ڏئي سگهجي ٿو. سرمد تي ھڪ فلم يا ڪو لانگ پلي ٺھڻ گهرجي.“ تقريب جي مُک مھمان پي ٽي وي جي جنرل مينيجر امجد شاه سرمد سنڌي جي فني ۽ نجي زندگيءَ تي ڳالهائيندي چيو ته ”سرمد کي راڳداريءَ جي ڄاڻ گهٽ پر خدائي ڏات گهڻي مليل هئي، سرمد منھنجي شاعري وڏي مان ۽ احترام سان ڳائي ۽ پنھنجي هڪ البم ۾ ريڪارڊ پڻ ڪرائي، سرمد تي ٽيلي فلم يا ڊرامو ٺاهي سگهجي ٿو جيڪو پي ٽي وي جي خاص نشريات ۾ هلائي سگهجي ٿو. پنھنجي صدارتي تقرير ۾ سرمد سان ويجهڙائي ۽ گڏ گذاريل ڏينھن کي ياد ڪندي بيدل مسرور چيو ته ”سرمد منھنجو ڳاني ٻڌو شاگرد هو، هن سان دوستي واري ويجهڙائي پڻ هئي، سرمد پنھنجي لاءِ شاعري جي چونڊ پاڻ ڪندو هو ۽ هن منھنجا ڳايل ڪيترائي ڪلام پاڻ ڳائي پنھنجي ڪيسٽن ۾ پڻ رڪارڊ ڪرايا، سرمد تي ڀلي فلم ٺاهيو يا ڊرامو پر ان جو مرڪزي خيال قوم پرستي هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سرمد پھرئين جوڙ جو قومپرست ۽ قومي عوامي راڳي هو.“آخر ۾ نوجوان ۽ ڀلوڙ راڳي تنوير علي ۽ بيدل مسرور سرمد جي ڳايل گيتن سان کيس ڀيٽا ڏيندي محفل کي جهومائي ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
سچ سوشل ويلفيئر
سنڌ جو ٻيجل قومي راڳي
سرمد سنڌي
0 تبصرے