English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ سچ سوشل ويلفيئر طرفان قومي راڳي سرمد سنڌي جي ياد ۾ پروقار تقريب
70 views
|
26th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ سچ سوشل ويلفيئر طرفان قومي راڳي سرمد سنڌي جي ياد ۾ پروقار تقريب
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سچ سوشل ويلفيئر جي طرفان سنڌ جو ٻيجل قومي راڳي سرمد سنڌي جي 27هين ورسيءَ جي حوالي سان هڪ ننڍڙي پر شانائتي ۽ مانائتي تقريب ملهائي وئي. تقريب ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن سان گڏ علمي ۽ ادبي معزز مھمانن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شامل سڀني مھمانن سرمد سنڌي عرف عبدالرحمٰن مغل جي فن، شخصيت ۽ ڪردار تي روشني وڌي. سرمد سنڌي جي ياد واري تقريب ۾ شامل معزز مھمانن ۾ پي ٽي وي جو جنرل مينيجر امجد شاه، اڳوڻو پي ٽي وي جو پروڊيوسر ۽ لوڪ راڳي ڀيدل مسرور، ليکڪ، ڪالم نگار ۽ فلمي صحافي اظھر جوکيو، سماجي اڳواڻ سليم ميمڻ، ٽي وي ڊرامن جو هدايتڪار جاويد خاصخيلي، اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر جاويد شيخ ۽ ٻيا شريڪ هئا. سچ سوشل ويلفيئر جي سرواڻ پنھنجي آجياڻي واري تقرير ۾ مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ سڀني آيل مھمانن کي تحفي طور اجرڪ اوڍايا ويا. عبدالوهاب سومرو پنھنجي تقرير ۾ سچ سوشل ويلفيئر طرفاان ايندڙ پروگرامن جو وچور ۽ تفصيل پڻ پيش ڪيا جن ۾ شاعر عبدالغفار تبسم سان شام، مچ ڪچھري ۽ ايوارڊ تقريب شامل آھن.اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر جاويد شيخ سرمد کي لفظي ڀيٽا ڏيندي چيو ته ”سرمد سنڌ جي ھر طبقي جو پسنديده قومي ڪلاڪار ھو، ھاري ناري کان ويندي قومي ڪاموري ۽ سوڪالڊ سياستدان تائين سڀ سندس شيدائي ھئا. سرمد سنڌي ڌرتيء جي عاشق طور سدائين امر رھندو.“ ليکڪ، ڪالم نگار ۽ فلمي صحافي اظھر جوکيو چيو ته سرمد سنڌي جي فن، شخصيت ۽ ڪردار تي جيترو ڪم ٿيڻ گهرجي اسين اوترو ڪم نه ڪري سگهيا آھيون، دنيا ۾ قومي ڪردارن تي فلمون پيون ٺھن ۽ اسين پنھنجي قومي عوامي ڪردارن کي متنازعه بڻائڻ جي پٺيان هٿ ڌوئي لڳل آھيون، ان جو تازو مثال ”اياز ميلي“ جو ڏئي سگهجي ٿو. سرمد تي ھڪ فلم يا ڪو لانگ پلي ٺھڻ گهرجي.“ تقريب جي مُک مھمان پي ٽي وي جي جنرل مينيجر امجد شاه سرمد سنڌي جي فني ۽ نجي زندگيءَ تي ڳالهائيندي چيو ته ”سرمد کي راڳداريءَ جي ڄاڻ گهٽ پر خدائي ڏات گهڻي مليل هئي، سرمد منھنجي شاعري وڏي مان ۽ احترام سان ڳائي ۽ پنھنجي هڪ البم ۾ ريڪارڊ پڻ ڪرائي، سرمد تي ٽيلي فلم يا ڊرامو ٺاهي سگهجي ٿو جيڪو پي ٽي وي جي خاص نشريات ۾ هلائي سگهجي ٿو. پنھنجي صدارتي تقرير ۾ سرمد سان ويجهڙائي ۽ گڏ گذاريل ڏينھن کي ياد ڪندي بيدل مسرور چيو ته ”سرمد منھنجو ڳاني ٻڌو شاگرد هو، هن سان دوستي واري ويجهڙائي پڻ هئي، سرمد پنھنجي لاءِ شاعري جي چونڊ پاڻ ڪندو هو ۽ هن منھنجا ڳايل ڪيترائي ڪلام پاڻ ڳائي پنھنجي ڪيسٽن ۾ پڻ رڪارڊ ڪرايا، سرمد تي ڀلي فلم ٺاهيو يا ڊرامو پر ان جو مرڪزي خيال قوم پرستي هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سرمد پھرئين جوڙ جو قومپرست ۽ قومي عوامي راڳي هو.“آخر ۾ نوجوان ۽ ڀلوڙ راڳي تنوير علي ۽ بيدل مسرور سرمد جي ڳايل گيتن سان کيس ڀيٽا ڏيندي محفل کي جهومائي ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
سچ سوشل ويلفيئر
سنڌ جو ٻيجل قومي راڳي
سرمد سنڌي
0 تبصرے