English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ قتل ٿيل معصوم ٻارڙَي جو ٽيجھو، واقعي جو ڪنھن بھ نوٽيس نھ ورتو
116 views
|
01st Jan 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ قتل ٿيل معصوم ٻارڙَي جو ٽيجھو، واقعي جو ڪنھن بھ نوٽيس نھ ورتو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ قتل ٿي ويل معصوم ٻارڙي جي خون سان چار ڏينهن گذرڻ باوجود انصاف نه ٿي سگھيو. خيما بستي تي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ پوليس جي قھري ڪاروائي جو اعلي اختيارين نوٽيس نه ورتو. ٻوڏ متاثر سوين خاندان کلي آسمان هيٺ زندگيءَ گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن. فوتي معصوم ٻارڙي جو ٽيجھو گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ ٿي گذريو. ٽيجھي ۾ پيپلز پارٽي اين اي 235 جي اميدوار حاڪم جسڪاڻي. يوسي ٽي صفوران ٽائون جي چيئرمين تاج محمد وساڻ. لياقت بليدي. غلام سرور ڀٽو. محمد يعقوب سولنگي ۽ ٻينوارثن سان تڏي تي پھچي تعزيت ڪري ٽيجھي جي دعا گھري افسوس جو اظھار ڪيو.ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ حاڪم جسڪاڻي. تاج محمد وساڻ چيو ته ٻوڏ متاثر خيما بستي ۾ بنا ڪنھن جواز جي ڪاروائي ڪري گھر ڊاھيا ويا آھن، متاثرن مٿان شيلنگ ۽ گوليون ھلايون ويون جنھن ۾ ھڪ معصوم ست ورھين جو ٻارڙو يونس چانڊيو شھيد ٿي ويو ۽ ڪيترائي ماڻھو زخمي ٿيا اسين اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اسين ھميشه ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھن جي مالڪي ڪئي آھي ۽ ڪندا رھنداسين. ھنن چيو ته خيما بستي ۾ ويٺل ماڻھو ھٿين خالي ويٺل ھيا. جن مٿان ايم ڊي اي دھشتگردي ڪري ھنن مسڪين ماڻھن جا گھر ڊاٿا آھن. ڌرتيءَ ڌڻين کي ڪراچي جي مختلف ڪئمپن مان اٿاري گورنمينٽ ھتي آباد ڪيو. سنڌي ماڻھن کي ھٿ وٺي ديوار سان لڳايو پيووڃي، ھڪ سازش تحت سنڌ جي دل ڪراچي مان سنڌي ماڻھن کي لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. چار ڏينهن گذرڻ باوجود ھن مھل تائين سنڌ جو نگران وڏو وزير توڙي گورنر سنڌ ھنن مسڪين ماڻھن وٽ لڙي ناھن آيا. ھي ھڪ وڏو سانحو ٿيو آھي معصوم نوجوان جي قتل جي ايف آء آر ملوث ماڻھن مٿان داخل ڪري انڪوائري مقرر ڪري مسڪين ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي. معصوم ٻارڙي جي والد مير حسن چانڊيو چيو ته منھنجي پٽ کي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ پوليس فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي. ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آهي اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن. جڏھن ته گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ معصوم ٻارڙي جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي۔ جڏھن ته پيپلز پارٽي اين اي 235 جي اميدوار حاڪم خان جسڪاڻي وفد جي صورت ۾ ايم ڊي اي ۽ پوليس پاران چڙھائي ڪري ڊاٿل گھرن جو دورو ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ
گلشن سيد ٽينٽ سٽي
معصوم ٻارڙي جي خون سان
0 تبصرے