English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ پ پ جو جلسو، عوام ھڪ ڀيرو ٻيھر اسان تي اعتماد ڪري، آئون وزيراعظم ٿي سندن مسئلا حل ڪندس: بلاول ڀٽو زرداري
268 views
|
18th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ پ پ جو جلسو، عوام ھڪ ڀيرو ٻيھر اسان تي اعتماد ڪري، آئون وزيراعظم ٿي سندن مسئلا حل ڪندس: بلاول ڀٽو زرداري
نوشهروفيروز (ڊ ر) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوشھروفيروز ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آھي ته عوام پھريان به پ پ اميدوارن کي کٽرايو ھو ۽ ھاڻي به کٽرائيندو. ھن چيو ته مان عوامي مارچ ۾ به نوشھروفيروز مان گذريو ھيس. توھان منھنجو وڏو استقبال ڪيو ھو اھو مون کي ياد آھي. 8 فيبروريءَ تي چونڊون ٿي رھيون آھن ۽ وزير اعظم جو اميدوار آھيان. ھن وقت توھان وٽ آيو آھيان ته منھنجو ساٿ ڏيو، ڇاڪاڻ تي وفاق ۾ پ پ جي حڪومت ٺاهينداسين. ھن چيو ته اسان جو چونڊ عوامي منشور عوامي معاھدو آھي جيڪو ڏھ نڪاتي ايجنڊا آھي. وعدو آھي توھان وزير اعظم بڻايو، مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪندس. ھن چيو ته نوشهروفيروز جو قرض آھيان، برسات متاثرين کي وڏو نقصان ٿيو ھاڻي نوشهروفيروز جي عوام جي مدد ڪرڻ آھي. انھن کي گھر ٺاھي ڏيندس. ھن چيو ته جڏھن برسات آئي ۽ ٻوڏ آئي ته مون دنيا جو دورو ڪيو ۽ مان اقوام متحدہ جي سيڪريٽري جنرل کي وٺي آيس. ان اسان جو ساٿ ڏنو ۽ تمام گھڻا گھر سنڌ حڪومت ٺاھيا، اسان حڪومت ۾ ھئاسين ته 20 لک گھر ٺاھڻ شروع ڪري ڇڏيا ھئا ۽ انھن کي مالڪاڻا حق به ڏنا آھن. ھن چيو ته قائد عوام جي وعدي کي پاڙي رھيا آھيون. ٻوڏ سبب پنجاھ سيڪڙو تعليمي ادارا تباھ ٿيا آھن. اليڪشن سبب ترقياتي ڪم نه ٿا ٿي سگھن پر حڪومت ۾ اچي تعليمي ادارا قائم ڪنداسين. ھر ضلع ۾ يونيورسٽيءَ قائم ڪرڻي آھي. نوشهروفيروز ۾ يونيورسٽي ناھي اھا به ڏينداسين. مفت صحت جون سهولتون پهچايون آھن ۽ ھاڻي نوشھروفيروز ۾ اين آئي سي وي ڊي جو يونٽ قائم ڪنداسين ۽ نوشهروفيروز جي عوام کي مفت علاج جون سهولتون ڏينداسين. ھن چيو ته بينظير به غريبن لاءِ ڪم ڪيو ۽ بينظير ايندي روزگار ڏيندي جو نعرو مشھور ٿيو ھو. ھن چيو ته ملڪ ۾ اليڪشن آھي تير ۽ شينھن جو مقابلو آھي توھان صرف تير تي ٺپو ھڻو ۽ پ پ کي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ڪرايو. عوام پل جو ڪردار ادا ڪري توھان کي مدد ڪرڻي آھي سئو سيڪڙو سيٽون پ پ کي کٽرائڻيون آھن. ھن چيو ته اليڪشن کٽي ٽي سئو يونٽ بجلي مفت ڏينداسين ۽ ٽيھ لک گھر ٺاھڻا آھن. ھارين لاءِ انڪم سپورٽ پروگرام ڏينداسين. ھارين کي ڀاڻ جي پريشاني نه ٿيندي. مزدور ڪارڊ ڏينداسين. انھن سمورن مزدورن کي ڪارڊ ڏينداسين. انڪم سپورٽ ۾ اضافو ۽ قرض ڏينداسين. يوٿ ڪارڊ ڏينداسين روزگار ڏينداسين. جلسي کي اڳوڻي صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ ضلع جي اميدوارن خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
بلاول ڀٽو زرداري
پ پ جي چيئرمين
0 تبصرے