English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول پوليس پاران ڏاج جي سامان سان ڦر ٿيل ٽرڪ ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
171 views
|
11th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ڏاج جي سامان سان ڦر ٿيل ٽرڪ ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
سجاول (گلشير ميربحر)سجاول پوليس ڪاروائي ڪندي ڪجھ ڏينھن اڳ ڦر ڪيل ڏاج جي سامان سان ڀريل شھزور ٽرڪ ھٿ ڪري بين الاضلاعي گروھ جي ٻن ڏوھارين کي گرفتار ڪري ورتو آھي. اھڙو اظھار ايس ايس پي سجاول شھلا قريشي پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھن چيو تہ ھڪ ھفتو اڳ چوھڙ جمالي روڊ تي سمان گولائي وٽ 6 ھٿياربند ڏوھارين چوھڙجمالي ويندڙ ڏاج جو سامان کڻي ويندڙ شيدي برادري جي ماڻھن کان ڏاج جو سامان شھزور گاڏي سميت ڦر ڪري ورتو ھو. جيڪو گذريل رات ٻي جڳھ تي منتقل ڪرڻ دوران ڳجھي اطلاع ملڻ تي ٻيلو رانٽا روڊ تي ڪاروائي ڪندي سي آئي اي انچارج سليم رضا ميرجت پنھنجي ٽيم سان گڏ ٻن ڏوھارين لڌو بچاڻي ۽ بچايو لوٺيو کي گرفتار ڪري وٽانئن شھزور گاڏي ۽ ڏاج جو سامان برآمد ڪري ورتو آھي. ھن ٻڌايو تہ گرفتار جوابدار لڌو بچاڻي 10 کان وڌيڪ چوري، ڌاڙن ۽ ڦرن جي ڪيسن جو رڪارڊ رکندڙ آھي ۽ بچايو لوٺيو خلاف بہ 8 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آھن. جڏھن تہ ٻين ضلعن مان بہ انھن جو رڪارڊ گهرايو پيو وڃي. گرفتار جوابدارن وٽان ھڪ ٽي ٽي پسٽل، ھڪ ڪارتوسي پسٽل ۽ 6 گولين جا رائونڊ برآمد ڪيا ويا آھن. اڃان جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
سجاول پوليس
پريس ڪانفرن
شھلا قريشي
ايس ايس پي سجاول
0 تبصرے