English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
8فيبروري تي عوام جي طاقت سان پ پ ۽ زرداري ٽولي کي شڪست ڏينداسين: اياز لطيف پليجو
26 views
|
19th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
8فيبروري تي عوام جي طاقت سان پ پ ۽ زرداري ٽولي کي شڪست ڏينداسين: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد تڪ جي ڳوٺ واڻڪي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو تہ 8 فيبروري تي عوام جي طاقت سان پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي کي شڪست ڏينداسين پيپلزپارٽي سدائين سنڌ جي جي عوام سان دوکا ڪيا آهن، پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ڪا بہ محبت ۽ دلچسپي ڪونهي ھي صرف اقتدار جا بکيا آهن. ھنن سنڌ جون زمينون، ڪارونجهر ٻيٽ، پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي.سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي پنهنجي گذريل پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ کان سواءِ ڪجھ ناهي ڏنو .پيپلز پارٽي سدائين سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن جي پٺي ۾ خنجر ھڻيندي آهي، سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪندي آهي زرداري مافيا ۽ پيپلزپارٽي نٿي چاهي تہ سنڌ جا ماڻهو ترقي ڪن ۽ خوشحال واري زندگي گذارين.اياز لطيف پليجي چيو تہ ٻھراڙيون سئي گيس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن. لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس جو شڪار آھن. نياڻين جي اعلي تعليم جا دروازا بند آھن. صحت جون بنيادي سھولتون ناھن. شھر ڪچري جو ڍير بنيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو جيڪو سڄو ملڪ استعمال ڪري ٿو پر قدرتي وسيلن وارن ضلعن جون ٻھراڙيون گئس جي بنيادي سھولت کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ زمين جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي. پيئڻ جو صاف پاڻي نہ ھجڻ ڪري لکين ماڻھو سنکيو مليل زھريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، جنھنڪري ھيپاٽائيٽس ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آھن. حڪومت ٻھراڙين ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جو منصوبو جوڙي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي آھي. شھرن جي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙيون تعليم ۾ پٺٽي پيل آھن. سنڌ جي ترقي لاءِ تعليمي نظام کي بھتر بنايو وڃي. ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ ختم ڪري سھولتون ڏنيون وڃن. خاص طور نياڻين جي تعليم کي بھتر ڪيو وڃي. تعليم سان ئي سنڌ ترقي ڪري سگھي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
0 تبصرے