English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي طرفان ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڪشميرين سان ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو
210 views
|
05th Feb 2024
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي طرفان ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڪشميرين سان ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي طرفان 5 فيبروري تي ڪراچيءَ کان ڪشمور پوري سنڌ ۾ ڪشمير جو ڏهاڙو ملهايو ويو ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ ، سکر جيڪب آباد ، ميرپورخاص ، نوابشاهه،جھڏو ڪنڌڪوٽ ، لاڙڪاڻو سميت شڪارپوربدين سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ريليون ، جلسا ۽ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا جڏهن ته هٿن جي زنجير ٺاهي ڪشميري عوام سان ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو.شرڪاء ڪشمير جي آزادي تائين جنگ اسان جي جاري رهندي، ڀارت جو هڪ علاج الجهاد الجهاد ، ڪشمير کي آزاد ڪريو جا اڀ ڏاريندر نعرا هنيا ان موقعي تي ڪشمير ۾ جاري ظلم جي مذمت ، عالمي ضمير توڙي انسان حقن جي ادارن کي انجو نوٽس وٺڻ ۽ اقوام متحده کان پنهنجي پاس ڪيل قرارداتن تي عمل ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پڻ منظور ڪياويا. جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ڊگري کان جھڏو تائين ڪڍيل موٽر سائيڪل ڪشمير ريلي کي خطا ب ڪندي چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي آهي،خوبصورت ڪشمير وادي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي . عالمي ضميرتوڙي انسان حقن جا ادار خاموش تماشائي، اقوام متحدھ انڌي ٻوڙي۽ گونگي بڻيل آهي . ڪشميرين جي جدوجهد ضرور هڪ ڏينهن رنگ لائيندي ڪشمير ماٿري تي آزادي جو سج ضرصر اڀرندو . هن چيو ته 1990 ۾ سڀ کان پهريون اڳوڻي امير قاضي حسين احمد 5 فيبروري جو ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو هو جيڪو هاڻي هر سال ملهائيو ويندو اهي . پاڪستان جي باني قائد اعظم ڪشمير کي ساه واري رڳ قرار ڏنو هو انڪري ڪشمير کان سواءِ پاڪستان اڌورو آهي . ريلي کي صوبائي اڳوڻ افضال صديقي ، قومي ۽ صوبائي اسمبلي جي اميدوارن حنيف قائم خاني ۽ محمد طاهر جٽ پڻ خطاب ڪيو . ڪنڌ ڪوٽ ۾ گولا موڙ کان گھنٽا گھر چوڪ تائين رٿيل ڪشمير ريلي کي صوبائي اڳواڻ ۽ قومي اسمبلي جي 191 جي اميدوار حافظ نصراللھ چنا، صوبائي اسمبلي جي تڪ 04 جي اميدوار غلام مصطفي ميراڻي ، ايڊوڪيٽ عبداللھ گولو خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير ۾ هڪ ڏينهن ظلم جي ڪاري رات ضرور ختم ٿيندي . اڌ صدي کان ملڪ ۾ حڪمراني ڪندڙ ٻن وڏين پارٽين پ پ ۽ ن ليگ ڪشمير جي سودي بازي ، مهانگائي بدامني ۽ ڪرپشن جي تحفن کانسواءِ عوام ٻيو ڪجھ به ڪونه ڏنو آهي ڪشميري عوام اللھ جي آسري تي پنهنجي ڌرتي جي آزادي لاءِ جنگ جوٽي هئي جيڪي ضرور هڪ ڏينهن پنهنجي منزل حاصل ڪندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
جماعت اسلامي
ڪشمير
0 تبصرے