English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول جي هاءِ اسڪول ۾ ٽن ڏينهن وارو سائنسي ميلو ٻي ڏينهن به جاري
65 views
|
23rd Feb 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول جي هاءِ اسڪول ۾ ٽن ڏينهن وارو سائنسي ميلو ٻي ڏينهن به جاري
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ تعليم کاتي سنڌ ريفارم سپورٽ يونٽ, ٿر ايجيوڪيشن الائنس ۽ يونيسيف پاران هاءِ اسڪول سجاول ۾ ٽن ڏينهن جو سائنسي ميلو ٻي ڏينهن به جاري.ڊپٽي ڪمشنر ,ڊائريڪٽر تعليم ,اسٽيڊا انچارج سنڌ فيسٽيول جو دورو.ماهرن جا مختلف تعليم بابت معاملن تي سيشن.اڄ آخري ڏينهن بهترين ماڊل ٺاهي نمائش ڪندڙ اسڪولن کي شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا.سجاول ۾ تعليم کاتي ريفارم سپورٽ يونٽ ٿر ايجيوڪيشن الائنس ۽ يونيسيف پاران هاء اسڪول گرائونڊ سجاول ۾ سائنسي فيسٽيول جون سرگرميون ٻي ڏينهن به جاري رهيون.فيسٽيول ۾ 50 سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي شاگردن پنهنجي ٺاھيل سائنسي ماڊلز جي نمائش ڪئي. ميلي ۾ سجاول ٺٽو ۽ بدين ضلعن جي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن جي شاگردن پنهنجي اسٽالن تي ماڊلز جي نمائش ڪئي.فيسٽيول جو ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ, ڊائريڪٽر تعليم حيدرآباد ۽ ڊائريڪٽر اسٽيڊا سنڌ رسول بخش شاه ۽ ٻين اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ ٻارن جي همت افزائي ڪئي.فيسٽيول ۾ الڳ الڳ سيشن پڻ ٿيا جنهن ۾ تعليمي ۽ سماجي معاملن جي ماهرن حميد ڏيپلائي, مڪل شاھ ,رام ڪولهي, راهول ديو, سدره سدوزئي ,ڊاڪٽر سومار کوسو ,ڪپيل ديو ,عمر ٻرڙو ۽ ٻين مختلف ٻارن سان لاڳاپيل اشوز تي ڳالھ ٻول ڪئي.فيسٽيول جي آخري ڏينهن اڄ ڇنيڇر ڏهاڙي اختتامي تقريب ٿيندي جنهن ۾ بهتر ماڊل ٺاهي نمائش ڪندڙ اسڪولن جي شاگردن کي شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
تعليم کاتي سنڌ
0 تبصرے