English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچيءَ ۾جعلي مينڊيٽ جي چئوٻول جماعت اسلامي جي موقف کي دُرست ثابت ڪيو: محمد حسين محنتي
215 views
|
28th Feb 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچيءَ ۾جعلي مينڊيٽ جي چئوٻول جماعت اسلامي جي موقف کي دُرست ثابت ڪيو: محمد حسين محنتي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته پ پ ۽ (ن) ليگ جو مينڊيٽ به ايم ڪيو ايم وانگر جعلي ٿو لڳي ۽ جعلي مينڊيٽ سان ٺهندڙ حڪومت گهڻو دير هلي نٿي سگهي، اهڙي حڪومت ۽ ميمبرن جا هٿ پير ٻڌي ۽ زبان بند ڪئي ويندي آهي، پوءِ پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بنائي ريموٽ ذريعي هلايو ويندو آهي جنهن جا ملڪ ۽ قوم لاءِ مثبت نتيجا ڪونه نڪري سگهندا آھن ،جماعت اسلامي جي صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته متحده رابطه ڪميٽي ۾ گورنر سنڌ توڙي ٻي قيادت جا ليڪ ٿيندڙ وڊيوز جعلي مينڊيٽ جا سڀئي پول پڌرا ۽ جماعت اسلامي توڙي مخالف ڌُر جي موقف کي درست ثابت ڪري ڇڏيو آهي. انڪري جماعت اسلامي سمجهي ٿي ته جيستائين ووٽ جو تقدس ۽ عوام کي پنهنجي مرضي جي قيادت چونڊڻ جو حق نه ٿو ڏنو وڃي اوستائين ملڪ ترقي سميت سياسي ۽ معاشي بحرانن مان نٿو نڪري سگهي. جمھوريت ۽ عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪندي فارم 45 موجب کٽيل اُميدوارن جو اعلان ڪيو وڃي. ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ جهڙي طرح من پسند اليڪشن عملو لڳائي ٺپي بازي ۽ بيلٽ باڪس ڦُري ۽ خريد ڪيا ويا انهي سڄي عمل اليڪشن کي مشڪوڪ جڏهن ته باقي رهيل ڪسر آراوز ڊي آر اوز آفيسن ۾ نتيجا تبديل ڪري پوري ڪئي وئي جنهن جي ڪري اڄ عوام جو چونڊن توڙي جمهوريت تان ويساهه کڄي ويو آهي. جيڪڏهن ان باوجود به عوام کي پنهنجي مرضي جي قيادت چونڊڻ ۽ ووٽ جي حفاظت نه ڪئي وئي ته پوءِ عوام ٻيو ڪو رستو چونڊڻ تي مجبور ٿي سگهي ٿو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
محمد حسين محنتي
0 تبصرے