English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پوليس جون ڪارروائيون، عورتن سميت 12 منشيات فروش گرفتار
83 views
|
17th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پوليس جون ڪارروائيون، عورتن سميت 12 منشيات فروش گرفتار
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ضلعي ٺٽي جي مختلف ٿاڻن ٺٽو، جھرڪ، جھمپير، گھارو، ڌاٻيچي، ميرپور ساڪرو، ڳاڙھو ۽ ڪيٽي بندر جي پوليس منشيات فروشن توڙي ڏوھارين خلاف سخت ڪاروايون ڪندي 12 گٽڪا مٽيرل سپلائير جوابدارن علي حيدر سوڀاڻي، ڪاشف علي سيٺار، مسمات شاھدہ عمراڻي، مسمات ساجدہ سميجو، مسمات ڪنول ڪڇي، مسمات نعيمہ ڪڇي، مسمات فريال ميمڻ، شير علي ملاح، نياز سومرو، عبدالرحمن سميجو، غلام نبي عرف ڪارو خاصخيلي، رجب خاصخيلي سميت 7 منشيات فروشن شاھد حسين انصاري، بابر علي ميمڻ، رضوان لاسي، فريد شيخ، اختر حسين پٺاڻ، انيس بلوچ ۽ معراج بلوچ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي تعداد ۾ منشيات ۽ گٽڪن ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيرل ھٿ ڪري مٿن مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪري ورتا آھن. ٻئي طرف گذريل رات دير سان ٺٽي ٿاڻي جي حد بائيڪو پئٽرول پئمپ ڀرسان پوليس ۽ ڏوھارين جي ٿيل مبينا مقابلي ۾ پوليس ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي، جنھن جي سڃاڻپ ٺٽي شھر واسي بابر ولد سڪندر شورو طور ٿي اھي، ٺٽو پوليس زخمي ڏوھاري کي پوليس پھري ھيٺ سول اسپتال مڪلي ۾ علاج ھيٺ رکيو اھي، پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار منشيات فروش بابر شورو ڪيترن ئي ڏوھي وارداتن ۾ شامل آھي، جنھن وٽان پسٽل بہ برامد ڪري سندس ڪرمنل رڪارڊ طلب ڪيو ويو اھي، پوليس موجب زخمي ڏوھاري چورين، ڦرن سميت منشيات جي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث ھو، جنھن تي ٺٽي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو اھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
0 تبصرے