English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ (قيو اي ٽي) حيدرآباد ضلعي جو اجلاس مرڪزي آفيس ۾ ٿي گذريو
92 views
|
29th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ (قيو اي ٽي) حيدرآباد ضلعي جو اجلاس مرڪزي آفيس ۾ ٿي گذريو
حيدرآباد(بيورو) سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ (ڪيو اي ٽي) حيدرآباد ضلعي جو اجلاس ڪيو اي ٽي جي مرڪزي آفيس سيڪريٽريٽ قاسم آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر رفيعہ پليجو، روشنہ پٺاڻ، صبا سمون ۽ حميرا خاصخيلي خصوصي طور شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو حيدرآباد ضلعي جي تعليمي ادارن جو دورو ڪري ايس جي ايس ٽي جا نوان يونٽ کوليا ويندا، ھر مھيني اسٽڊي سرڪل ھلايو ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعہ پليجو چيو تہ سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي آهي شھرن جي اسڪولن جي بيٽ ۾ ٻھراڙي جي تعليم پٺتي پيل آهي، سنڌ جو ھر نوجوان تعليم يافته ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. سنڌ جي ترقي بي پناھ محنت ۽ تعليم سان ئي ممڪن آهي. رفيعہ پليجو چيو تہ نياڻين جي تعليم سان ئي سنڌ ترقي ڪري سگھي ٿي، پيپلز پارٽي جي گذريل 15 سالا ڪاري دور ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ريڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي، سنڌ جي تعليمي ادارن کي ڪرپشن گاھ بڻايو ويو. لکين ٻار جبري پورهيو ڪن ٿا، 6 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن. پرائمري تعليم کي هٿ وٺي تباھ ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي تعليم جو رواج ئي ناهي، ميرٽ جي لتاڙ، تعليم دشمن پاليسين، ڪميشن جي امتحانن ۾ ڪرپشن، نوڪريون جو وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشنہ پٺاڻ خطاب ڪندي چيو تہ اسان جو نصاب جديد ۽ سائنسي هجڻ گهرجي. سعودي عرب ۽ نار جي تبديلين مان اسان کي سکڻ گهرجي. سنڌ جو عوام هاڻي ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ خلاف اٿي کڙو ٿئي. سنڌ پندرهن سالن کان سخت محرومي جو شڪار آهي. قبائلي جھيڙن ۽ لاقانونيت ۾ اھل اقتدار ملوث آهن. ملڪ گورننس ۽ عوامي سهولتن جو بحران آهي. شاگردن کي سپر نيچرل ڳالھين مان ڪڍي حقيقي سائنسي دنيا مان آڻڻو پوندو. سنڌ ۾ لاقانونيت، مهانگائي ۽ تعليمي تباهي تي سخت ڳڻتي آهي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر صبا سمون خطاب ڪندي چيو تہ شاگرد سماج جي بي پناھ سگھ ۽ اھڙي طاقت آھن جيڪي ظلمت آڏو بيھي رھن تہ ناقابل شڪست بنجي وڃن ٿا۔ ميرٽ ناھي۔ تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي۔ حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاء سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آھي۔ شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آھي۔ اجلاس ۾ رخسار چانڊيو، صنم سمون، وسيمه اڄڻ، شھناز نوناري، بينظير اظهر، عرزينہ خاصخيلي، سنڌيا خاصخيلي، شائسته ابڙو، عارضو، صنم ابڙو، نشا مظھر ، سيما اڄڻ، سونھان ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس
تحريڪ
ڪيو اي ٽي
حميرا خاصخيل
صبا سمون
روشنہ پٺاڻ
رفيعہ پليجو
0 تبصرے