English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر ولي محمد وفا پلي جي شخصيت ۽ شاعري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد
views
|
02nd Jun 2024
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر ولي محمد وفا پلي جي شخصيت ۽ شاعري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر ولي محمد وفا پلي جي شخصيت ۽ شاعري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ ادبي فورم (ساف) طرفان عمرڪوٽ جي مقامي گيسٽ ھائوس ۾ جشنِ وفا جي عنوان سان شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب جي صدارت صوبائي وزير تعليم ۽ معدنيات سيد سردار علي شاهه ڪئي جشن وفا ۾ وفا پلي جي خاندان عطائي خاندان جو علمي ادبي ۽ سياسي خدمتون، جديد سنڌي شاعري ۽ وفا، وفا جو همصر دور، آزاد ميڊيا جو تصور ۽ موجوده صحافت، وفا جي شاعري ۽ شخصيت، مشاعري محفل موسيقي سميت مختلف سيشن رکيا ويا جنهن جي سنڌ ناليواري اديبن، شاعرن، ۽ ڪهاڻيڪارن شرڪت ڪري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ويو پروگرام جي مُک تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير تعليم ۽ معدنيات سيد سردار شاھ چيو ته وفا پلي سنڌ جو خوبصورت ۽ پنھنجي فڪر وارو شاعر ھو سندس غزل انتھائي خوبصورت تخليقي سگھ وارا آھن هن چيو ته اسانجو هن جي خاندان سان 09 پيڙھين جو تعلق رھيو آهي وفا پلي کي مڃتا ڏيڻ تي سنڌ ادبي فورم (ساف) جا دوست جس لھن هن چيو ته اھڙا پروگرام ۽ تقريبون سنڌي ادب شاعري لاء اتساھ جو سبب آھن جيڪو ٿيڻ گهرجن ھن چيو ته وفا اڪيلائي پسند خاموش طبيعت ماڻهو هو پنهنجي اندر جي احساسن کي تخليق جو روپ ڏيندو هو وفا پلي جي شاعري تاحيات زنده رهندي اديب ۽ دانشور مدد علي سنڌي خطاب ڪندي چيو ته وفا پلي سنڌي غزل جو وڏو شاعر ھو خانصاحب پلي برادران جو سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ترقي ۾ اھم ڪردار رھيو آھي ھي خطو سنڌي ادب جي لاء زرخيز خطو رھيو آھي ھتي راڳ فنڪار ۽ علم ادب جي آبياري ٿي آھي سنڌي ٻولي اختياري جي چئيرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيو ته وفا پلي وڏو شاعر ھو سندس شاعري پختي ۽ فھم فلسفي واري شاعري رھي آھي وفا پلي جي غزل جهڙو غزل ڪير مشڪل لکي سگهندو هن جو فن هن سان هو جشن وفا جي مختلف سيشن ۾ سنڌ ناليواري اديبن شاعرن ۽ صحافين نصير مرزا، تاج جويو، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، سرفراز راڄڙ، علي دوست عاجز، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، نصير ڪنڀار، ميرحسن آريسر، عنايت نهڙيو، علي نواز پلي، ممتاز نهڙيو، فيض کوسو، شاهد خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو محفل مشاعري ۾ سنڌ جي ناليواري شاعرن حليم باغي، جهانگير ڏاهري، خالده منير ۽ ٻين شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پڙهي داد حاصل ڪيو جشن وفا جي تقريب ۾ پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ، سينيٽر پونجو مل ڀيل، ضلعي چئرمين عمرڪوٽ حاجي بقا پلي، وائيس چئرمين ميان خالد ولھاري، ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ، وفا پلي فرزند اسماعيل وفا پلي، خانصاب اختر علي پلي ۽ ٻِيا شريڪ ٿيا. جشن وفا ۾ وفا پلي ايوارڊ 2024 ڏنا ويا شاعري جو ايوارڊ فواد ڪلوڙ، موسيقي جو ايوارڊ رفيق فقير، عورت شاعره جو ايوارڊ خالده منير، صحافت جو ايوارڊ ممتاز آريسر، صحافت جو ايوارڊ شاهد خاصخيلي، ۽ ڪهاڻي جو ايوارڊ نصير ڪنڀار کي ڏنو ويو جشن وفا جي آخري نشست ۾ محفل موسيقي جي محفل ٿي جنهن ۾ راڳي رفيق فقير ۽ سيف سميجو سُر وکري آيلن کي جهومائي ڇڏيو جشن وفا جي تقريب رات دير تائين جاري رهي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..
01st Jul 2025
•
سندھ
دادو میں خلق جی خدمت آرگنائزیشن کی جانب سے محرم الحرام کے موقع پر ٹھنڈے پانی اور شربت کی سبیل سبیل کا اہتمام
01st Jul 2025
•
سندھ
ال میچ میکر ایسوسی ایشن کے چیئرمین سمیع شیخ کا "ہمسفر فورایور لوو" میرج بیورو کے دفتر کا دورہ
01st Jul 2025
•
شوبز
سیان بروک نے ’ہاؤس آف ڈریگن‘ میں مختصر کردار سے ناظرین کو متاثر کر دیا
01st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪاٺوڙ واسين جو بجلي ۽ پاڻي گهرڻ ڏوھ بڻجي ويو، 300 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ دريا خان مري واسي لا جي شاگرد معيز علي چوهاڻ جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ولي محمد وفا پلي
خوبصورت شاعر
سيد سردار علي شاهه
0 تبصرے