English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرھھ ملھائي وئي
views
|
04th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرھھ ملھائي وئي
ٺٽو(ڊر) ٺٽي ۾ پ پ شھيد ڀٽو ضلعي ٺٽي طرفان ضلعي صدر بابو احسان ڀٽو جي رھائشگاھ تي سنڌ جي بھادر انقلابي فرزند شھيد مير مرتضي ڀٽو جي فرزند ۽ ٻلھڻ فائونڊيشن جي سربراھ جونيئر ذولفقار علي ڀٽو جي ٻٽيھين سالگرھ واري تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ ڪچھري ڪندي سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو چيو ته ٻلھڻ فائونڊيشن جوڙي ٻلھڻ مڇيء سميت سموري ماحول دوست ۽ جھنگلي جيوت جي تحفظ لاء جاکوڙ ڪرڻ جونيئر ذولفقار علي ڀٽو جو ننڍي عمر ۾ تمام وڏو ڪارنامو آهي، جونيئر ڀٽو جي ھن وقت تائين ڪيل تحريڪ ۽ گفتار مان اھا ڳالھ محسوس ٿي آھي ته ھي نوجوان سنڌ جي ھزارين سالن جي روادار صوفياڻي فڪر، ڌرتي دوست سوچ جو طرفدار ۽ مذھبي ڪروڌ، ظلم جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف آھي. ان موقعي تي پ پ(ش ڀ) سنڌ جي اڳواڻ چاندي خان بروھي، بابو احسان ڀٽو، پير بخش سمون چيو تہ مير مرتضي ڀٽي آخري دم تائين عوام جي حقن، وطن ۽ ان جي خوشحالي جي ڳالھ ڪئي، جيڪو ظالم ۽ جابر قوتن کي پسند نہ آئي ۽ کيس ھڪ رٿابندي تحت شھيد ڪري غريب ۽ مسڪين ماڻھن کان کيس پري ڪيو، ھنن چيو تہ ذوالفقار ڀٽو جونئير بہ پنھنجي والد جيان عوام جي ڳالھ ڪري رھيو آھي، جيڪو جلد ھن ظالم ۽ جابر دور جو خاتمو آڻي عوامي حڪومت کي وجود ۾ آڻيندو، جتي عدل، انصاف ھوندو. تقريب ۾ ڪلچرل فورم جي محمد شريف جاکرو، شھباز علي جاکرو، پپو ڀٽو، سجاد قريشي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. آخر ۾ سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پ پ شھيد ڀٽو
جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
0 تبصرے