English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرھھ ملھائي وئي
224 views
|
04th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرھھ ملھائي وئي
ٺٽو(ڊر) ٺٽي ۾ پ پ شھيد ڀٽو ضلعي ٺٽي طرفان ضلعي صدر بابو احسان ڀٽو جي رھائشگاھ تي سنڌ جي بھادر انقلابي فرزند شھيد مير مرتضي ڀٽو جي فرزند ۽ ٻلھڻ فائونڊيشن جي سربراھ جونيئر ذولفقار علي ڀٽو جي ٻٽيھين سالگرھ واري تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ ڪچھري ڪندي سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو چيو ته ٻلھڻ فائونڊيشن جوڙي ٻلھڻ مڇيء سميت سموري ماحول دوست ۽ جھنگلي جيوت جي تحفظ لاء جاکوڙ ڪرڻ جونيئر ذولفقار علي ڀٽو جو ننڍي عمر ۾ تمام وڏو ڪارنامو آهي، جونيئر ڀٽو جي ھن وقت تائين ڪيل تحريڪ ۽ گفتار مان اھا ڳالھ محسوس ٿي آھي ته ھي نوجوان سنڌ جي ھزارين سالن جي روادار صوفياڻي فڪر، ڌرتي دوست سوچ جو طرفدار ۽ مذھبي ڪروڌ، ظلم جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف آھي. ان موقعي تي پ پ(ش ڀ) سنڌ جي اڳواڻ چاندي خان بروھي، بابو احسان ڀٽو، پير بخش سمون چيو تہ مير مرتضي ڀٽي آخري دم تائين عوام جي حقن، وطن ۽ ان جي خوشحالي جي ڳالھ ڪئي، جيڪو ظالم ۽ جابر قوتن کي پسند نہ آئي ۽ کيس ھڪ رٿابندي تحت شھيد ڪري غريب ۽ مسڪين ماڻھن کان کيس پري ڪيو، ھنن چيو تہ ذوالفقار ڀٽو جونئير بہ پنھنجي والد جيان عوام جي ڳالھ ڪري رھيو آھي، جيڪو جلد ھن ظالم ۽ جابر دور جو خاتمو آڻي عوامي حڪومت کي وجود ۾ آڻيندو، جتي عدل، انصاف ھوندو. تقريب ۾ ڪلچرل فورم جي محمد شريف جاکرو، شھباز علي جاکرو، پپو ڀٽو، سجاد قريشي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. آخر ۾ سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پ پ شھيد ڀٽو
جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
0 تبصرے