English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽنڊو آدم: روھڙي ڪئنال جي گھاري متاثرن جي لاءِ طبي ڪيمپ لڳائي وئي آھي: ڊاڪٽر سيد فضل حسين شاهه
41 views
|
08th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو آدم: روھڙي ڪئنال جي گھاري متاثرن جي لاءِ طبي ڪيمپ لڳائي وئي آھي: ڊاڪٽر سيد فضل حسين شاهه
ٽنڊوآدم (حسنين عاشق ساند) تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر سيد فضل حسين شاهه چيو آهي ته روهڙي ڪئنال ۾ گهاري بعد متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ميڊيڪل ڪيمپ تي اسان جا ڊاڪٽر، ليڊي ڊاڪٽر، ايمبولينس سروس، ويڪسينيٽرز ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز هروقت موجود آهن. عورتن ۽ ٻارن سميت سمورن متاثرن جي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي ۽ مليريا سميت سموريون ٽيسٽون ۽ دوائون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته متاثرن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته جڙيو ڏيرو ۽ سوئي ڪندر سميت پبلڪ اسڪول ۾ قائم ڪئمپ ۾ هر وقت طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته ضرورت موجب ٻين متاثر علائقن ۾ عارضي ڪئمپون قائم ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته دوائن سمیت ڪنهن به سامان جي ڪا به کوٽ ناهي اسان جي اسپتال ۾ 6 مرد ۽ 14 عورت ڊاڪٽر موجود آهن، سڀ ڊاڪٽر ايمانداري سان پنهنجيون ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اسپتال ۾ 40 سالن کان آپريشن سميت مختلف سرجري ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن کي تبديل نه ڪرڻ ۽ ان کي بهتر انداز ۾ نه ڌوئڻ جي سوال تي هن چيو ته اسپتال ۾ آپريشن ۾ استعمال ٿيندڙ سمورو سامان اسپتال ۾ سٺي نموني ڌوتو وڃي ٿو ۽ ضرورت مطابق اهو تبديل به ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن سميت سمورن مريضن کي بهترين سروس فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سيد فضل حسين شاهه
ٽنڊوآدم
0 تبصرے