English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽنڊو آدم: روھڙي ڪئنال جي گھاري متاثرن جي لاءِ طبي ڪيمپ لڳائي وئي آھي: ڊاڪٽر سيد فضل حسين شاهه
222 views
|
08th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو آدم: روھڙي ڪئنال جي گھاري متاثرن جي لاءِ طبي ڪيمپ لڳائي وئي آھي: ڊاڪٽر سيد فضل حسين شاهه
ٽنڊوآدم (حسنين عاشق ساند) تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر سيد فضل حسين شاهه چيو آهي ته روهڙي ڪئنال ۾ گهاري بعد متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ميڊيڪل ڪيمپ تي اسان جا ڊاڪٽر، ليڊي ڊاڪٽر، ايمبولينس سروس، ويڪسينيٽرز ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز هروقت موجود آهن. عورتن ۽ ٻارن سميت سمورن متاثرن جي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي ۽ مليريا سميت سموريون ٽيسٽون ۽ دوائون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته متاثرن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته جڙيو ڏيرو ۽ سوئي ڪندر سميت پبلڪ اسڪول ۾ قائم ڪئمپ ۾ هر وقت طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته ضرورت موجب ٻين متاثر علائقن ۾ عارضي ڪئمپون قائم ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته دوائن سمیت ڪنهن به سامان جي ڪا به کوٽ ناهي اسان جي اسپتال ۾ 6 مرد ۽ 14 عورت ڊاڪٽر موجود آهن، سڀ ڊاڪٽر ايمانداري سان پنهنجيون ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اسپتال ۾ 40 سالن کان آپريشن سميت مختلف سرجري ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن کي تبديل نه ڪرڻ ۽ ان کي بهتر انداز ۾ نه ڌوئڻ جي سوال تي هن چيو ته اسپتال ۾ آپريشن ۾ استعمال ٿيندڙ سمورو سامان اسپتال ۾ سٺي نموني ڌوتو وڃي ٿو ۽ ضرورت مطابق اهو تبديل به ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن سميت سمورن مريضن کي بهترين سروس فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سيد فضل حسين شاهه
ٽنڊوآدم
0 تبصرے