English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ضلعي اندر چوٽ چڙهيل بدامني جا ذميوار ھتان جا چونڊيل نمائندا آهن؛ مولانا عبدﷲ مھر
45 views
|
13th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن ۽ شهرين پاران مدرسه تاج العلوم کان لکيدر تائين ريلي ڪڍي وئي
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ضلعي اندر چوٽ چڙهيل بدامني جا ذميوار ھتان جا چونڊيل نمائندا آهن، مولانا عبدﷲ مھر, جي يوآء ضلع شڪارپور جي طرفان ضلعي اندر ٻرندڙ بدامني جي باھ خلاف ضلعي امير مولانا عبدﷲ مھر، مولانا محمد طيب ميکو، امير علي جتوئي، حافظ رفيق احمد شر، آغا شمس الدين پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ڪارڪنن ۽ شهرين مدرسه تاج العلوم ڪنڌڪوٽ روڊ رستم موڙ کان لکيدر تائين پيادل امن مارچ ريلي ڪڍي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي ۾ شرڪاء جي ھٿن ۾ امن کپي جا پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جھنڊا ھئا،احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي ضلعي اڳواڻن چيو ته شڪارپور ضلعي کي ھتان جي چونڊيل نمائندن ھڪ سازش تحت بدامني جي باھ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، ھن وقت ضلعي صورت حال انتھائي خراب ٿي چڪي آهي ڪنهن جي به جان، مال، عزت آبرو محفوظ ناهي رهي، جيڪو ماڻهو ڪنهن ڪم ڪار سان ٻاهر نڪري ٿو ھزار دفعا سوچي ٿو ته واپس گهر خير سان موٽندس به سھي الاء نه، ھر ھڪ ماڻھو خوف ۾ ورتل آهي جي گهر کان ٻاهر ٿو نڪري ته اغوا ٿو ٿي، ڦريو ٿو وڃي يا قتل ڪيو ٿو وڃي، آخر غريب عوام ڪيڏانهن وڃي، جي گهر ٿو ويھي ته بک ٿو مري جي ٻاھر ٿو نڪري ته جان جو خطرو آخر ڏوھارين کي ايتري ڇوٽ ڪنهن ڏني آهي، اھڙي خراب صورتحال تي به ھتان جا چونڊيل نمائندا رڳو سياست ٿا چمڪائن بيان بازي تائين محدود آهن،ھتان جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ويھي سڪون سان وقت گزارن ٿا انهن کي غريب عوام جو ذري برابر به فڪر ناهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ھاڻي اھڙي صورتحال خراب ٿي وئي آهي جو خود پوليس به محفوظ ناهي رهي، ڌاڙيل راڄ پوليس کان زور ٿي ويو آهي ڇو ته انهن کي پ پ پ سرڪار جو آشيرواد ڏنل آهي، آئي ڏينهن اغوا، ڦرلٽ، قتل عام جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويو آهي، شھر شڪارپور مان ننڊڙا معصوم ٻارڙا اڃان تائين ڌاڙيلن جي قيد مان آزاد ناهن ٿي سگهيا، انھن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، اڳواڻن چيو ته اسان ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين وس وارن عملدارن کان پرزو مطالبو ٿا ڪيون ته جلد کان جلد امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻائڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ اڳلو پڙلاء آفيسرن جي اڳيان ھوندو، امن مارچ ريلي ۾ ڪجه قراردادون پيش ڪيون ويون، ضلعي شڪارپور جا تمام مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف ھلندڙ آپريشن کي بغير ڪنهن سياسي اثر رسوخ جي ڏوھارين جي خاتمي تائين جاري رکيو وڃي، پوليس کي ڏوھارين جي خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ مڪمل اختيار ڏنا وڃن، ۽ پڻ جديد ھٿيار ۽ گاڏيون فراهم ڪيون وڃن، پوري ضلعي اندر ھلندڙ قبيلائي جيھڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي، شھرن ۾ اسڪول جي ٽائيم پوليس گشت وڌايو وڃي، قومي شاهراهن تي پوليس پڪٽيون قائم ڪيون وڃن، امن مارچ ريلي کي مولانا عبدالباری شيخ، مولانا ثناءﷲ ڀٽو، مفتي غلام قادر بروهي، قاري منيب احمد سومرو، مفتي پير سيد رشدﷲ شاھ امروٽي، مولانا تاج محمد مهر، مفتي عبدالرزاق بروهي،مولانا عبدالوحید ڪيھر، رفيق احمد دایو، مولانا غلام ﷲ مھر، مولانا اسدﷲ سيٺار، ﷲ ڏنو سومرو، راشد لاشاري، منيف بروھي، مولانا عبدالڪريم ڪيھر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مولانا عبدﷲ مھر
شڪارپور ضلعي
jui
0 تبصرے