English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان انتظاميه پاران آگاهي ريلي ڪڍي وئي
views
|
15th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت عوام کي صاف خوراڪ جي فراهمي لاءِ فوڊ اٿارٽي قائم ڪئي آهي: اي ڊي سي لياقت علي لنڊ
نوشهرو فيروز (ڊ ر) خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لياقت علي لنڊ جي اڳواڻي ۾ آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد مستقيم قريشي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ اٿارٽي سلطان مهيسر، فوڊ سيفٽي آفيسر نوشهروفيروز عمارا فريد خانزاده ۽ ٻيا آفيسر ۽ شهري موجود هئا. ان موقعي تي ريلي جي شرڪت ڪندڙن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لياقت علي لنڊ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي صاف خوراڪ جي فراهمي لاءِ فوڊ اٿارٽي قائم ڪئي آهي. ضلعي انتظاميه فوڊ اٿارٽي سان مڪمل تعاون ڪندي. ۽ تمام جلد ضلعي ۾ ناقص شين جو وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڇاپا هنيا ويندا. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي دڪاندارن ۽ واپارين جي نشاندهي ڪن جيڪي غير معياري شيون وڪرو ڪن ٿا. ته جيئن انهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. ان موقعي تي فوڊ اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٻڌايو ته نوشهروفيروز ضلعي ۾ ملاوٽ وارين شين کي روڪڻ لاءِ ڇاپا هنيا ويا آهن، پهرين مرحلي ۾ دڪاندارن کي غير معياري شين جو وڪرو روڪڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ فوڊ سيفٽي آفيسر عمارا فريد جو چوڻ هو ته ضلعي جي مختلف علائقن ۾ کاڌي پيتي جي دڪانن ۽ هوٽلن جو معائنو ڪيو ويو آهي، جتي صفائي سٿرائي جا ناقص انتظام ھئا انهن هوٽلن ۽ دڪانن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته صفائي سٿرائي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن کير ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لياقت علي لنڊ
نوشهرو فيروز
Food
ADC
0 تبصرے